خيرپور: 16 سالن ۾ قتل جو چالان پيش نه ٿيو، عدالت پاران ايس ايڇ خلاف ڪارروائي جو حڪم

0
156
ڄام صاحب پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، 2 ڏوهاري مارجي ويا
ڄام صاحب پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، 2 ڏوهاري مارجي ويا

خيرپور(ن پ ا) احمدپور پوليس 16 سال گذرڻ باوجود قتل ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش نه ڪيو، عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي ايس ايڇ او احمدپور خلاف محڪماڻي ڪاروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ 16 سال گذرڻ باوجود ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي احمدپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف  ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو

احمدپور ٿاڻي جي قتل ڪيس نمبر 76/2005 ۾ جوابدار ڄاڻايل مومن ناريجو طرفان ڪيس ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي

عدالت احمدپور پوليس کي ليٽر اماڻيندي ڪيس متعلق رپورٽ طلب ڪئي هئي پر رپورٽ نه ڏيڻ تي عدالت احمدپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي جو حڪم جاري ڪيو