عدالتي حڪم،ملازمن کي 3 سالن جي پينشن جا چيڪ مليا

0
306
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد(ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايڇ ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن کي 3 سالن کان پينشن فراهم نه ڪرڻ تي ميونسپل ڪمشنر ۽ اڪائونٽنٽ جي پگهار بند ڪرڻ واري حڪم بعد ميونسپل ڪمشنر عملي سميت حاضر ٿي عدالت ۾ 14 ملازمن ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک رپين جا چيڪ تقسيم ڪري ڇڏيا

پهرين گريڊ کان 5 گريڊ جي ملازمن انور عنايت مسيح،  شهزاد احمد، پرڪاش، فرزانه مسيح، شمس الدين، نرملا ۽ ٻين وڪيلن معرفت درخواستون داخل ڪرايون، هنن موقف اختيار ڪيو ته رٽائرمينٽ کي اڍائي کان 3 سال گذري ويا آهن پر ايڊمنسٽريٽر توڙي ٻيا عملدار پينشن ڏيڻ لاءِ تيار ناهن

وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود ٻنهي عملدارن مان هڪ به عملدار پيش نه ٿيو آهي

ايڇ ايم سي جي وڪيلن چيو ته مهلت ڏني وڃي ملازمن جو معاملو جلد حل ڪيو ويندو، عدالت چيو ته اڄوڪي ڏينهن ۾ ملازمن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ اڪائونٽنٽ جو پگهار بند ڪرايو ويندو

ٻن ڪلاڪن بعد ايم سي ۽ اڪائونٽنٽ چيڪ کڻي عدالت پهچي ويا جن سمورن ملازمن کي مجموعي طور هڪ ڪروڙ 18 لک رپين جا چيڪ فراهم ڪيا جنهن بعد عدالت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي