خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ عوامي شڪايتن بعد مختيارڪار ڇاپا هڻي وڌيڪ اگهه تي گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين محمد علي انصاري، شهباز ڏنو جنڊاڻ، جهانگير قريشي، انيس سميت 8 ڄڻن جا دڪان سيل ڪري مٿن 12 هزار رپيا ڏنڊ پڻ وڌو. ان موقعي تي مختيارڪار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گوشت مارڪيٽ ۾ وڌيڪ اگهه تي گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين خلاف ڪارروائيون ڪندي سندن دڪان سيل ڪيا ويا آهن ۽ مٿن ڏنڊ پڻ هنيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته گوشت مارڪيٽ ۾ گوشت جو وڌيڪ اگهه وٺڻ سان گڏ بيمار جانورن جو گوشت وڪرو ڪرڻ جون پڻ شڪايتون مليون آهن.