خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي فيض آباد ڪالونيءَ ۾ نالين جي صفائيءَ ۾ دير تان بااثر جو ميونسپل ملازم تي مبينا  تشدد ۽ فائرنگ، ملازم معجزاڻي طور تي بچي ويو، ميونسپل ملازمن جو اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي گهر. خبر موجب خيرپور جي فيض آباد ڪالوني ۾ نالين جي صفائي ۾ دير ڪرڻ تان بااثر مبينا طور تي ميونسپل ملازم اعجاز پنهور تي تشدد ۽ مٿس فائرنگ ڪئي پر ملازم معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو. بعد ۾ ميونسپل ملازمن اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن صحافين کي ٻڌايو ته ميونسپل ملازم اعجاز پنهور فيض آباد ڪالوني ۾ نالين جي صفائي وارو ڪم ڪري رهيو هو ته بااثر لالا جسڪاڻي سندس گهر واري نالي صاف نه ڪرڻ تان ڏمرجي پيو ۽ ملازم مٿان تشدد ڪرڻ سان گڏ مٿس ٽي ٽي پستول سان فائر ڪيو، جنهن ۾ ملازم معجزاڻي طور محفوظ رهيو. هنن چيو ته اسان پورهيت سخت محنت ڪري نالين جي صفائي وارو ڏکيو ڪم ڪن ٿا پر بدلي ۾ گاريون، ڌمڪيون ۽ تشدد برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته فائرنگ ڪندڙ بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي، ٻِي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.