خيرپور (رپورٽر)زڪوات عشر کاتي خيرپور ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن اخلاق احمد فاروقي، مجاھد مغل، ادريس عباسي، سيد جبار شاھ، شڪيل احمد قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنهنجي آفيس ٻاهران احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته زڪوات عشر کاتي جي سنڌ ۾ 800 کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن پر کين پڪو نه پيو ڪيو وڃي جنهن ڪري ملازم سخت پريشان آهن. هنن چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ ھر ضلعي مان ڪچن ملازمن جي تفصيل بابت ڊسٽرڪٽ زڪوات آفيسرن کي ليٽر لکيو آھي پر ڪجھ ضلعن جي آفيسرن پاران ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ ظاهر نه ڪيو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ملازمن چيو ته ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ وارو ڪيس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ھلي رھيو آھي جتان اسان کي انصاف جي اميد آھي. هنن پ پ چيئرمين، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زڪوات کاتي ۾ 20 سالن کان ڪانٽريٽ تي ڪم ڪندڙ 800 ملازمن کي مستقل ڪري انهن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.هوڏانهن گمبٽ ۾ ملازمن اخلاق احمد فاروقي، مجاھد مغل ،ادريس عباسي، سيد جبار شاھ شڪيل احمد قاضي احتجاج ڪيو.