خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس ڪارروائي ڪري هڪ نوجوان کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس موجب انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جي مدد سان اطلاع مليو ته هڪ نوجوان نزاڪت علي شيخ عورتاڻي آواز تي هرکجي شڪارپور جي بدنام ڌاڙيل منظور جعفري ڏانهن وڃي رهيو آهي، جنهن بعد ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي لاڳاپيل ٽيم ۽ اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪري نزاڪت علي شيخ کي ڏوهارين ڏانهن وڃڻ کان روڪي ورتو. پوليس موجب نوجوان نزاڪت شيخ پوليس کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان اڻ ڄاتل نمبرن تان ايندڙ ڪال بعد عورت سان دوستي ٿي وئي. گذريل ڏينهن هن کيس ملڻ لاءِ گهرايو. ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ سمورن ايس ايچ اوز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هن قسم جي اغوا وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪَرڙي نظر رکي وڃي.