خيرپور (رپورٽر) خيرپور مان پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو اڃا تائين پتو پئجي ناهي سگهيو، جنهن ڪري وارث سخت پريشان آهن. خبر موجب خيرپور شهر جي عابد شاهه ڪالوني مان نوجوان بدالوهاب سومرو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جو اڃا تائين ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، نوجوان جي وارثن مقصود سومرو، ياسين سومرو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته نوجوان بازار وڃڻ جو چئي گهران نڪتو ته واپس ناهي آيو، هنن چيو ته نوجوان جي مٽن مائٽن توڙي مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. هنن چيو ته پوليس کي نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع پڻ ڏنو ويو آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.