محبت ديرو (ن پ ا) گذريل رات چور محبت ديرو شهر جي زميندار ارشادالحق ڏھراج جي واڙي ۾ بيٺل 5 مينھون ڪاھي فرار ٿي ويا هئا، چوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ بدامني خلاف سياسي سماجي اڳواڻن شهر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ارشادالحق ڏھراج ، عابد مظفر علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، جنهن سبب غير محفوظ بڻيل آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.