خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ حسين آباد ڀرسان ٺري ميرواهه کان سکر ويندڙ مسافر وين ڪلٽي، 20 مسافر زخمي، حادثي جي زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. خبر موجب خيرپور ڀرسان حسين آباد پراڻي قومي شاهراهه وٽ ٺري ميرواهه کان سکر ويندڙ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 20 مسافر سخت زخمي ٿي پيا. واقعي بعد حد جي پوليس ۽ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا پهچي ويا، جن زخمين کي وين مان ڪڍي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو. زخمين ۾ اشفاق احمد مڱڻھار، اربيلو اوڏ، ڪرن ڪمار، حسينه اوڏ، ڪشمير ڪلهوڙو، فيض محمد چانڊيو، ساجد چانڊيو، پرويز ڪٻر، عبدالرشيد لغاري، بختيار ڌاريجو، لياقت ملاح، محمد رمضان وساڻ، علي نواز ميتلو، مسمات تانيه، سليم رضا، علي داد دستي، ضميران ڪٻر، مسمات بصران، اشفاق سومرو ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين مان پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.