ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي روڊ تي مکڻ سمون اسٽاپ وٽ 10 سالن جي نينگري دعا خاصخيلي جي ڳچي ۾ پاتل پوتي چنگچي رڪشا جي چين ۾ ڦاسي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ نينگري جو ڳلو ڪٽجي ويو ۽ هوءَ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نينگري جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري پنھنجي امڙ ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ چنگچي رڪشا تي سوار ٿي ميرپورخاص اچي رھي هئي ته سندس پاتل پوتي چنگچي رڪشا جي چين ۾ ڦاسي پئي جنهن سبب سندس ڳلو ڪٽجي ويو، نينگري جو لاش گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو.