ھالاڻي (ن پ ا) ھالاڻي ۾ قومي شاھراهه تي ٽيڪسي اسٽاپ وٽ ٽرالر موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر هنيو،جنهنجي نتيجي ۾ موٽر سائيڪلسوار ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ سندس وٽان مليل شناختي ڪارڊ مان 55 سالا يار محمد سومروويٺل شھر اوٻارڙو ضلعو گھوٽڪي واسي طور ٿي، فوتي جو لاش ھالاڻي پوليس چنگچي رڪشا تي ڱڻائي سرڪاري اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته يار محمد سومرو ھالاڻي ڀرسان ھڪ ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندو ھو، حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.