خودڪشي ۽ ڪرپشن جو سبب بڻيل سرڪاري ڪامورا

0
225
خودڪشي ۽ ڪرپشن جو سبب بڻيل سرڪاري ڪامورا

 بدقسمتي سان ھن ملڪ ۾ ڪرپشن مافيہ رشوت ۽ بد ديانتي جو ٻج پکيڙي ڇڏيو آھي، ھر ماڻھو کي جبري طور رشوت وٺڻ نه ئي سهي، پر ڏيڻ تي ضرور ڌڪيو ويو آھي ۽ اھڙي قسم جي “الراشي والمرتشي” ماحول ۾ ڏمر سڄو مفلس ماڻھن جي مٿان ئي ڪري ٿو باقي وٺندڙ جا وارا نيارا ٿيو وڃن ٿا.

                 خودڪشي جنھن لاءِ تازو ئي مون کي ھڪ موقف پڙھندي خبر پئي ته اھو بزدلاڻو عمل آھي جو خودڪشي ڪندڙ ماڻھو سماجي نا انصافين سان مھاڏو اٽڪائڻ بجاءِ ڪمزور ٿي پاڻ ماري ٿو ڇڏي. ٻيو رايو پڙھيم ته بدعنوان سسٽم سان ھلندڙ ويڙھ خلاف  تمام وڏو احتجاج آھي ۽ خودڪشي ڪندڙ ماڻھو ڪرپٽ نظام خلاف تبديلي جو اھڃاڻ آھي. ٽيون رايو اھو ھيو ته خودڪشي ان شرط تي سٺو عمل آھي ته ھُو جنھن سبب جيڪري پاڻ ماري ٿو ان جبر ڪندڙن مان ڪنھن کي ختم ڪري پاڻ ماري ھان ته پوءِ پاڻ ماريندڙ کي داد ڏئي سگھجي پيو.

                 آءٌ سمجھان ٿو پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي نفسياتي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آھي جنھن پٺيان معاشي عدم استحڪام جيڪري پيدا ٿيندڙ ويڳاڻپ، ٽينشن پريشاني ۽ حساس ترين طبيعت جھڙا اھم سبب موجود آھن. حساس ماڻھو وري جنھن جي اندر ۾ ھڪ لڪيل آرٽ يا ڪلا موجود ھجي، تنھن لاءِ سماجي نا انصافين سان منھن ڏيڻ لاءِ جڏھن اڪيلائي جي احساس کانسواءِ ڪابه واٽ موجود نه ھجي ته ھُو پاڻ کي ھيڻو محسوس ڪري انتھائي قدم کڻڻ جي قابل ٿيو وڃي ٿو. بحرحال سبب…!!!، ان ڳالھ تي سڀ متفق آھن ته ھر شي جي پويان ڪونه ڪو سبب ضرور ھوندو آھي ۽ اھو ئي سبب خودڪشي جي پٺيان به ھوندو آھي. اھڙا سبب اڪثر ڪمزور ، عدم تحفظ ۽ معاشي تنگدستي جو شڪار معاشرن ۾ نمايان آھن. ڪڏھن ڪڏھن اھڙن ماڻھن کي ئي لڳندو آھي ته ھن دنيا ۾ جيئڻ به ڪنھن جرئت کان گھٽ ناھي، اھڙن ماڻھن کي جرئت ۽ ھمٿ ڏيارڻ لاءِ ڪو وجود نه ھوندو آھي ته ھو پنھنجي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري حل خودڪشي ئي سمجھندا آھن.

تازو ئي سنڌ اندر سماجي رابطن توڙي اشاعتي خبرن ۾ ڊاڪٽر عزيز سوڍر جي خودڪشي جي ڪوشش ٽرينڊنگ مطلب رجحان ۾ رھي آھي. ڊاڪٽر عزيز چار کان وڌيڪ صفحن تي پنھنجي خودڪشي جا ڪجھ سبب لکيا جنھن ۾ سندس مائٽن جو اڍنگو رويو ۽ سندس ٻچڙن توڙي گھر جي گذران لاءِ سندس نوڪري جنھن کي جاري رکڻ لاءِ کيس ڏوڪڙ ڀرڻ تي ڪامورن طرفان سوگھو ڪيو ويو. اھا ڳالھ مون اڪثر نوٽ ڪئي آھي تہ پاڻ وٽ جنھن به مڊل ڪلاسي کان دريافت ڪبو ته مائٽن کي دشمن سمجھندو آھي، جيڪڏھن ھر ڪنھن جا مائٽ خراب ۽ دشمن آھي ته پوءِ معاشري ۾ ڀلو ۽ سڄڻ آخر ڪير آھي؟

بهرحال پاڻ اچون ٿا ڊاڪٽر جي رشوت واري سبب تي ته کانئس رشوت ڇو، ڪيئن ، ڪنھن ۽ ڪٿي طلبي؟؟ ثبوت نه اٿس ته وري ٻيھر به خودڪشي ڪندو ڇو جو سرڪاري ٻوڙ تي ھلندڙ قلمڪار اڳ ئي اھڙا بيانيا ٺاھيو ويٺا آھن ته ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ڪندا باقي نشو ڪرڻ کان اول پنج صفحن جا الوداعي خودڪش خط لکندا پيا.

سنڌ اندر حڪمراني نا اھلي ۽ بدعنوان نظام جيڪري ذلت ڀري زندگي ڪا لڪيل ناھي، اھو ساڻيھ جنھن جي ڄانڀي، سرنھن، ڦٽي، ڪڻڪ ۽ چانور جي اپت کي ڏسي ولايتي قبضاگير لامارا ڏيندا ھئا ان ڀلي وطن جا اُھي سياسي شعور کان وانجھيل مسڪين ماڻھو ھاڻي ذلت جھڙي زندگي کان پاڻ مارڻ جو اڊڪو رکيو ويٺا آھن. ڪاڇي، لاڙ، ٿر ۽ اتر جي مفلسن جي خودڪشي ڪاتبن لاءِ به معمول بڻجي چڪي آھي تنھنڪري ھاڻي مڙني پرڳڻن جي  مڇي ماني طبقي يا وري اليٽ ڪلاس جي خودڪشي تي ئي قلم کڻڻ کي قلمڪار ضروري سمجھن ٿا شايد مفلس ۽ دولتمند جي رت جو رنگ ڳاڙھي بجاءِ مختلف ٿيڻ لڳو آھي. سنڌ سميت پاڪستان جو ڪوبه اھڙو کاتو يا وزارت ھاڻي ناھي رھي جنھن لاءِ ڪير ساک ڏئي دعويٰ ڪري سگھي ته اھو کاتو يا وزارت ڪرپشن کان پاڪ ھوندا. ھن ملڪ ۾ مذھبي بنياد پرستن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٺھيل اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جھڙن ادارن جي غير ضروري بجيٽ (جيڪا ڪرپشن جي ھم معني ھجي) کان وٺي تعليم، سائنس، آء ٽي، دفاع ۽ گھرو امن سميت صحت جھڙن بنيادي ضرورت وارن کاتن ۾ ڪرپشن جا قصا ڪنھن کان به ڳجھا ڪونھن ٻيو ته ٺھيو پر دنيا ثاقب نثار جھڙي معزز ماڻھو لئه به چوي پئي ته اڳوڻو چيف جسٽس ھوندي ان جيڪي ڊيم فنڊ لاءِ پيسا ورتا سي دراصل پرديس ۾ سندس ڪھول کي ڪم آيا ۽ مصيبت ۾ جيڪڏھن قوم ڊيم فنڊ جي نالي تي ڪنھن جي ڪٽنب جي مدد ڪئي ته ان ۾ برائي ڪھڙي آھي. …؟؟؟

اھو ثاقب نثار جنھن کي چيرٽي مطلب پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن يعني PAF جھڙي اداري جي  خيرات تي ھلندڙ سرڪاري جناح اسپتال ڪراچي جي اُن وقت جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي به ڏھ لک روپيه ڏئي آڱر وڍائي شھيدن ۾ پنھنجو نالو لکرايو ۽ جناح اسپتال ۾ پنھنجي پوسٽنگ کي آخري وقت تائين بچائڻ لاءِ جاکوڙيندي رهي. ٽين دنيا واري ھن ملڪ جون اسپتالون جن کي دنيا فنڊنگ ڪندي آھي ته مفلس عوام کي ڪو سنئون ۽ سٺو علاج ملي سگھي، تن اسپتالن جا سربراھ ڊيم فنڊ جي نالي تي رشوت ڏئي پنھنجي ڪرسي به بچايو ڇڏين، ان کان وڌ ڪرپشن جھڙي ٻي ستم ظريفي ڪھڙي ٿيندي؟

ھاڻي اوھين اندازو لڳايو ته سنڌ جي صحت کاتي جون اھي اسپتالون جيڪي خيراتي سھڪار سان ھلنديون ھجن يا وري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ھلنديون ھجن تن منجھان لکين روپيا ائين فضول وڃايا وڃن ته اتي ننڍا وڏا ڪامورا غريب پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن سان ڪھڙا ڪلور ڪندا ھوندا..!!؟؟

اسپتالن ۾ غير معياري سامان ايتريقدر جو جنرل سرجري وارڊن ۾ ٽاڪا ھڻڻ وارو ڌاڳو به نقلي ھجي، صفائي جي بجاء واشروم اھڙا جن کي تھذيب جي ڪنھن گھٽيا خاني ۾ به نه رکي سگھجي، داخل ٿيل مريضن لاءِ ٺھندڙ روز جي طعام ۾ بدعنواني ايتريقدر ٻاڪرو گوشت مريضن کي سٺي نموني ملڻ بجاءِ انچارج صاحب جي گھر جي صوفن ۽ ڊيڪوريشن تي خرچ ٿيندو ھجي اتي مريضن جي بھتر سھائتا يا طبي عملي کي ملندڙ سھولتون صرف خواب نه ھجن ته ڀلا ڇا ھجن …!

اسپتال، ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت صحت سان لاڳاپيل سمورا ملازم سڌو سنئون سنڌ ۾ صحت جي وزارت سان سلھاڙيل آھن ۽ صحت کاتي جي اھڙي وزارت ۽ وھنوار سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ئي موجود آھي، سنڌ سيڪريٽريٽ جنھن لاءِ صحت کاتي جي ئي اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري ناصر دادلو زھراڻي پنھنجي ھڪ ناول دنيا دم درياءَ ۾ لکيو ته “عجب دنيا آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ جي پٽيوالي کان وٺي، سيڪريٽريَء تائين، خواهش سڀني جي کيسا ڀرڻ آهي. سيڪريٽريٽ ۾ ڪروڙ پتي، ڪک پتين جي روپ ۾ ايندا آهن.مها بي ايمانن کي ايمانداريَء جو چولو پاتل هوندو آهي. سيڪريٽريٽ جي دروازي جي مسجد، خلاف توقع آفيس جي ٽائيم تي، ائين ڀربي آهي، ڄڻ ته اڄ دنيا جو آخري ڏينھن آھي.

ساڳيو صحت کاتو به سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ئي آھي جتي ديانتدار  آفيسر خود مشاھدو ڪندي بيوسي ۽ بدعنواني جا قصا مختلف محاذن توڙي جو ناول  جي صورت ۾ به لکي، اظھار ڪري چڪا آھن ۽ اھي ڳالھيون ڪنھن کان به ڳجھيون ناھن تہ تعليم توڙي صحت کاتي سميت ھر وزارت ۾ مقرري، بدلي سميت ھر جائز سرڪاري ڪم جا اگھ فڪس ٿيل آھن ۽ نام نھاد وطن جي خادم سي ايس پي يا ايس پي ايس سي آفيسرن جي اڪثريت وزيرن جي خوشامد ۽ پنھنجي مقرري جي مستقل ھجڻ لاءِ نيچ قسم جي ڪرپشن جو بنياد وجھيو ويٺا آھن جيئن تازو ئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر عزيز سوڍر جي خط ۾ لياقت ڀٽي، فھيم چاچڙ ۽ آغا الطاف جھڙن صحت کاتي جي نام نھاد سرڪاري خادمن جو ذڪر پڻ ٿيل آھي ته اھي به سندس بيوسي ۽ خودڪشي جي سبب ۾ شامل آھن. مھانگائي، غربت، بيروزگاري ۽ موت جي چوگرد ڦاٿل پاڪستان ۾ جيڪڏھن ھاڻي 19 گريڊ جي مسيحائي آفيسر سطح جي ماڻھن کي به رشوت عيوض پاڻ مارڻ تي مجبور ڪيو ويندو ته پوءِ ملڪ جي مٿان قابض مافيا چين chain کي به بيچين ٿيڻو پوندو جو ھاڻي ماڻھو دير سوير سچ ڄاڻي وٺن ٿا. ھاڻي ماڻھو عدالتي ججن تي به اعتبار نٿا ڪن جو سندن وڏڙا خود ڊيم فنڊ جي نالي تي قوم کي لٽي چڪا آھن تنھن ڪري منصفن، حاڪمن، ڪامورن جي صفن ۾ لڪل غاصب مافيائن کي سمجھڻ گھرجي ته ھي ماڻھو جڏھن اھڙن مسئلن تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪرڻ بجاءِ ٻيا متبادل رستا دريافت ڪندا ته پوءِ ڪنھن خودڪشي جو سبب بڻجندڙ ڪاموري کي لڪڻ جي جاءِ به ڪونه ملندي. ماڻھن جي خدمت بجاءِ مسند تي موت جو سامان بڻجي ويٺل واڳن کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌ جيتوڻيڪ روز ڪرپشن، غربت، بک ۽ جھالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندي پئي وڃي پر جنھن ڏينھن دراوڙ سمجھي ويا ته ڪرپشن جا ڪوٽ انا ھزاري جي روح وانگي مسلسل سياسي انقلابي جدوجھد سان ڀڄي ڀور ٿا ٿين ته ان ڏينھن کين پنھنجي جيئندان جو اُڊڪو ڪرڻ جو وقت به ڪونه ملندو.