ھڪ جپسي ڪالم  … جِھرڪين جو خدا …

0
179
ھڪ جپسي ڪالم  ... جِھرڪين جو خدا ...

جھنگَ جي ڪھاڻي تيسيتائين اڻپوري آھي،

 جيسيتائين ان کي ھڪ شڪاري لکي ٿو.

(رڊيارڊ ڪپلنگ)

منھنجي ڳوٺ ۾غُليل پڪڙيل منھنجي سئوٽَ، پنھنجي ڪاٺ جي غليل سڌي ڪئي، ساڄي اک کي ٻوٽي نشانو ورتو، رٻڙ کي ڇڪي پنھنجي نَڪَ تائين آندو ۽ امالڪ ڇڏي ڏنو.. بلور ھڪ گوليءَ جيان غليل مان نڪتو ۽ ٻٻر جي ٽارَ تي ويٺل جھرڪيءَ کي لڳو، ھڪ پاوليءَ جي وزن جيتري اھا جھرڪي بولاٽيون کائيندي ھيٺ پَٽَ تي ڪري ۽ تڙپڻ لڳي. ڇوڪري ڌرتيءَ تان ھڪ ڪاٺي کنئي، ان جي چھنب ٺاھي ۽ جھرڪيءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽنبي ان کي اڊوڙي ڇڏيائين ۽ فاتحانه مرڪ سان مون کي ٻڌايائين “ڏٺئي سئوٽَ وقت تي جھرڪي حلال ٿي وئي، مري وڃي ھا ته ڪھڙي ڪم جي ٿئي ھا.” مون پنھنجو پاڻ کي الائي جي ڇو، ان جھرڪيءَ جي جاءِ تي رکي ڏٺو ۽ غير اختياري طور مان پنھنجي ھَٿُ سان پنھنجي ڳچيءَ کي مھٽڻ لڳس.

                 اھڙا منظرَ لڳ ڀڳ ھر ڳوٺ ۾ نظر ايندا آھن.. مون کي ياد آھي ته 2010 جي مھا ٻوڏ جي ڏھاڙن ۾ منھنجي ڳوٺ جي ڪچي ۾ پاڻي ڀرجي اچڻ ڪري مرونءَ جو ھڪ ٻچڙو رلندي ڀٽڪندي منھنجي ڳوٺ جي ڀِڪَ ۾ نظر آيو ته ترَ جا نامي گرامي شڪاري پنھنجا بلڊاگ ڪتا وٺي پھچي ويا. مرونءَ جو ٻچڙو جيڪو مشڪل سان گھيٽي جي قد جيترو ھيو، ان کي ترَ جي ڪتن ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙيو ۽ منٽن اندر چيري ڦاڙي ڇڏيو. ان ننڍڙي جانور جي مارڻ سان انھن شڪارين کي ڇا مليو، اھا ڳالھ مون کي اڄ تائين سمجھ ۾ ڪانه آئي آھي، پر انھن جي ان مھل جي فاتحانه مرڪَ ۽ مڇن کي تاوَ ڏئي پنھنجي ڪتن کي ڀاڪر پائي شاباسي ڏيڻ مون کان اڄ به ڪونه ٿو وسري.

ھي گلوب جنھن کي اسان پنھنجي ڌرتي چئون ٿا ھاڻ رڳو انسانن جي قبضي ۾ آھي، انسانن پاڻ کي ڇڏي ٻين سڀني ڌرتي واسين کي ايترو ته ڪنڊائتو ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو آھي جو انھن جي بقا جو وڏو سوال کڙو ٿي پيو آھي. انسان جيئن ته اشرف المخلوقات آھي ان ڪري ھن کي تمام گھڻا مذھبي حق ڏنا ويا آھن، ان سبب ئي اھو اشرف انسان پاڻ کان سواءِ ھر جيءَ جڻي ۽ جانور لاءِ قاتل ۽ قھر بڻجي ويو آھي، جانورن کي چيچلائي چيچلائي مارڻ ھن جي انساني انا کي وڏي تسڪين عطا ڪري ٿو. ڪجھ ڏھاڙا ٿيا مان نيشنل جياگرافڪ چئنل تي ھڪ ھڪ پروگرام ڏسي رھيو ھوس جنھن ۾ ڏيکاري رھيا ھيا ته يورپ جي شھرن جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ جھنگ جا جانور به انسانن سان گڏ بي خوف ۽ تحفظ جي احساسَ سان گھمي ڦري رھيا آھن، ايسيتائين جو چئونڪ وارن روڊن تي سگنل به ريڊ ٿي ويندا آھن جيڪڏھن اتان ھرڻن يا جانورن جو ڪو ٽولو گذرڻ چاھيندو آھي، روڊ جي ٽريفڪ تيسيتائين بيھاري ويندي آھي، جيسيتائين جانورن جو اھو ڌڻ خيريت سان روڊ اڪري نه ٿو وڃي. اھا تربيت ۽ اھو مانُ اسان وٽ ڇو ڪونه آھي ان جو گھڻو تڻو سبب مذھبن جي انسان ڊاميننٽ تعليمات به آھي. انسان کي جيئن ته اشرف المخلوقات جو درجو مليل آھي ان ڪري اھو انسان ڪجھ به ڪري سگھي ٿو، ايتري تائين جو معصوم ٻچڙن مٿان آرو ڪري ويٺل سھي (خرگوش) کي پڪڙي ڪُھي مھمانَ جي دعوت به ڪري سگھي ٿو ۽ موٽ ۾ ان ماڻھوءَ جي مھمانيءَ جي ايتري ته تعريف ڪئي ويندي ڄڻ ھن جنت جو سئو ايڪڙ جيترو رقبوته کٽيو ئي کٽيو.

اسان انسان ھن ڌرتيءَ تي اڪيلي مخلوق آھيون جن جي ڪري ۽ جن جي اڳيان ڌرتيءَ جا سڀ غيرـ انسان رھواسي پنھنجي بقا جي آخري ڪگارَ تي پھچي چڪا آھن، ڪڏھن ٻڌون ٿا فلاڻي نسل جي چيتي جو آخري نسل به ختم ٿي ويو… مان چوان ٿو “ٿي ويو” ڇو ٿو لکيو وڃي، “ڪيو ويو” ڇو نه ٿو لکيو وڃي. اسان اصل ۾ انسان دوست ته تمام گھڻو آھيون ۽ اھو اسان قدم قدم تي ثابت به پيا ڪندا آھيون پر اسان فطرت دوست اڄ تائين نه ٿي سگھيا آھيون، اسان اگر فطرت دوست ھجون ھا ته غير انسان مخلوق جو به ايترو ئي خيال رکون ھا ۽ انھن کي به ايتري اھميت ڏيون ھا جيتري اھميت اھي اسان جا ڌرتي ـ ڌڻي لھڻن ٿا. اھا انسان جي ترقي ڪانه آھي ته ھُو جانور جي نَڪُ ۾ سوراخ ڪري ان ۾ رسي ٽپائي ان کي ڪلي سان ٻڌي ڇڏي ۽ راشن جي نالي ۾ لپَ گاھ جي ان اڳيان اڇلائي وساري ڇڏي. ان کان وڌيڪ غير فطري تشدد ٻيو ڇا ھوندو ھڪ گگدام گڏھ پوري زندگي اوھان جي گھر جو خرچ ڪڍڻ لاءِ پندرنھن ڪلاڪ اوھان جي ٺاھيل ھڪ گاڏي کي گھليندو رھي ٿو ۽ جڏھن بيمار ٿئي ٿو ته ان جو سوڪالڊ انسان مالڪ ان جو علاج به ڪونه ٿو ڪرائي ۽ رستن ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ته ڀلي شھر جي ڪتن جو کاڄ ٿئي.

اسان آثارقديمه (آرڪيالاجي) جي شاگردن کي اھو پڙھايو وڃي ٿو ته اوائلي انسانن جڏھن ھڪ ڏاند کي ٽريپ ڪري ھرَ ڪاھڻ تي لڳايو ته انسان ترقيءَ ۽ تھذيب جي ھڪ نئين دئور ۾ داخل ٿي ويو ۽ ان بعد ان انسان پنھنجي ارتقاءَ جي ان سفر ۾ جيترو جانورن کي پالتو بڻائيندي انھن جو استعمال ۽ استحصال ڪيو ان تي افسوس ته ڪنھن به ڪونه ڪيو پر ان پاسي ڪنھن جي نظر به ڪانه ٿي وڃي. اھو سچ آھي ته انسان پنھنجي ترقيءَ ۽ ارتقا جو سفر ڪاميابيءَ سان جاري به رکيو آھي ته ان کي ھڪ منفرد موڙ تائين پھچائڻ ۾ به ڪامياب ويو آھي پر پنھنجي ان ارتقائي سفرَ ۾ انسان پنھنجي ھمعصر  غير انسان ڌرتي واسين کي بريءَ طرح سان استعمال ڪري انھن جو تمام گھڻو استحصال به ڪيو آھي. جانور ۽ انسان ۾ بنيادي فرق به اھو ئي آھي ته جانور شڪار تڏھن ئي ڪندو آھي، جڏھن بکيو ھوندو آھي، پنھنجي ان جبلت جو استعمال جانور صرف پنھنجي ضرورت مھلَ ڪندو آھي، ڪو شينھن ڪڏھن به تفريح خاطر ڪنھن ھرڻ يا زيبرا جو شڪار ڪونه ڪندو آھي،  ان جي ابتڙ انسان رڳو مزي ۽ پاڻ وڻائڻ خاطر جانورن جو نه فقط شڪار ڪندو آھي پر اجايو ۽ ضرورت کان گھڻو وڌيڪ شڪارڪندو آھي ۽ مزي جي ڳالھ ته ھن سسٽم ۾ انسان پاڻ کي اھا سھولت پاڻ ئي عطا ڪئي آھي ۽ ان جو پڇاڻو ڪنھن به فورم تي انسان کان ٿئي ئي ڪونه ٿو. انسان جي ھن ڌرتيءَ تي ان ڪاھ جي ڪارڻ ئي ھن ڌرتيءَ جون انيڪ غير انساني جنسون ۽ سوين نسل ھن مھل خطري تي اچي پھتيون آھن ۽ ممڪن آھي ڪجھ عرصي بعد اسان کي ھن ڌرتيءَ تي انسان جا اھي سھڻا سيھوڳي نظر اچڻ ئي بند ٿي وڃن ..

جڏھن به منھنجي روھڙي اسٽيشن تي رات جي ڊيوٽي ھوندي آھي ته مان محسوس ڪندو آھيان ته ٻانگا ڪُڪڙَ رات جو ٻين يا ٽين وڳي ئي دَسَ ھڻي ٻانگون ڏيڻ شروع ڪندا آھن ، شايد انھن جا سينسرز انھن کي غلط ريڊنگ ڏيندا آھن ته اَسر جي ويل ٿي وئي آھي ۽ ڪجھ ئي وقت ۾ سج اڀرڻ وارو آھي ، انھن ۾ اھا ڊسٽربنس ڪيئن ۽ ڇو پئدا ٿي پئي آھي، ان جو سبب انسان جي پئدا ڪيل پليوشن ۽ ان جا اثر آھن ، ھن ڌرتيءَ جي “ايڪولاجي” (جنھن کي اسان جيئڻ لاءِ ماحولياتي موافقيت جو نالو ڏيون ٿا) بريءَ طرح سان برباد ۽ ڊسٽرب ٿي وئي آھي ۽ ان جو ڪو جوڳو تدارڪ صفا به نظر ڪونه پيو اچي .

اڄ جو ھي جديد انسان پنھنجي ترقيءَ جي انڌَ ۾ گگدام ۽ احتجاج جو حق وڃايل جانورن کي ڪھي انھن جي ڪاروبار ڪرڻ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو آھي جو ھاڻ ھُو پنھنجي ان ڪاروبار کي ليگلائيز ڪري ۽ روزانو لکين جانورن کي ڪھي انھن جو گوشت ڪي اين ايس ۽ ٻين ان جھڙن لوگوز ۾ وڪرو ڪري ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجي ويو آھي ۽ ان سلسلي ۾ ھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ھڪ تناسب جي استعمال جو اطلاق اڃان تائين نه ٿي سگھيو آھي.

اسان جي ھڪ شاعر دوست ڪيڏي نه سھڻي ڳالھ پنھنجي شاعريءَ ۾ رچي آھي جيڪا اسان جي کوڙ ساترن سوالن جو بھترين جواب به آھي .

جھرڪين جا خدا ! بازَ کي پَرَ نه ڏي

جي ڏِئين بارشون، ڪچا گھرَ نه ڏي.