محرم راز … شهيد ڀڳت سنگهه جو ڏهاڙو ۽ اسان جي بيخبري

0
140
محرم راز ... شهيد ڀڳت سنگهه جو ڏهاڙو ۽ اسان جي بيخبري

  اسان هر سال 23 مارچ کي “يومِ پاڪستان” طور ملهائيندا آهيون. اهو ڏينهن ٻن تاريخي واقعن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي: هڪ تاريخي واقعو 23 مارچ 1940ع تي رونما ٿيو، جڏهن لاهور ۾ انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ “قراردادِ لاهور” جي  منظوري ڏني وئي، جنهن کي پوءِ “قراردادِ پاڪستان” جو نالو ڏنو ويو. ٻيو واقعو 23 مارچ 1956ع تي رونما ٿيو، جڏهن پاڪستان جي پهرئين آئين جي منظوري ڏني وئي ۽ پاڪستان کي “اسلامي رياست” قرار ڏنو ويو. يعني ان ڏينهن دنيا جي پهرين اسلامي رياست قائم ٿي، پر 23 مارچ جي هڪ ٻي وڏي تاريخي اهميت آهي، جنهن کي اسان نظرانداز ڪندا آهيون. ۽ ان ڪري ئي نظرياتي بحران ۽ مغالطن جو شڪار آهيون. 23 مارچ 1931ع تي هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي عظيم هيرو ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ٻين ٻن ساٿين راج گرو ۽ سکديو کي لاهور جي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. 23 مارچ ڀڳت سنگهه جي شهادت جو ڏينهن آهي، ان حوالي سان اسان اهو ڏينهن ملهايون ته اڄ جي نوجوان کي سياسي گمراهيءَ کان نجات ڏياري سگهون ٿا.

عدالت جي حڪم مطابق ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کي 24 مارچ 1931ع جي صبح جو ساڍي ڇهين وڳي ڏيڻي هئي پر ان حڪم تي عملدرآمد جو شيڊيول اوچتو بدلائي 11 ڪلاڪ اڳ يعني 23 مارچ 1931ع تي شام جو ساڍي ستين وڳي اُنهن کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويو، اها تڪڙ ان ڪري ڪئي وئي ته ڀڳت سنگهه جي سموري هندوستان ۾ عوامي مقبوليت تمام گهڻي هُئي ۽ حڪمرانن سمجهيو ٿي ته، سڄي ملڪ ۾ اها خبر پئجي چُڪي آهي ته، 24 مارچ تي صبح جو ڀڳت سنگهه ۽ ٻين ڪامريڊن کي ڦاسي ڏني ويندي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته، اُن وقت حالتن کي سنڀالي نه سگهجي. ڀڳت سنگهه جي ميت کي رات جو ئي ان جي وارثن جي حوالي ڪيو ويو. جڏهن ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ڏني وئي ته ان وقت ان جي عمر صرف 23 سال هئي ۽ هُو ننڍي کنڊ جو مقبول ترين ليڊر بڻجي چُڪو هو. تاج برطانيا کي اهو محسوس ٿيو ته، هاڻي هندوستان جي هر ماءُ پنهنجي ٻچي کي ڀڳت سنگهه بنائڻ جي آرزو ڪري رهي آهي. نوآبادياتي حڪمرانن ۽ ان جي مقامي ڪارندن اهو اندازو لڳائي ورتو هو ته، ڀڳت سنگهه وڌيڪ وقت زنده رهيو ته، پوءِ ننڍو کنڊ حقيقي آزادي ۽ انقلاب جي راهه تي هلي پوندو ۽ آزاديءَ کانپوءِ ان خطي کي سامراجي ڪنٽرول ۾ رکڻ ممڪن نه رهندو، ڇو ته ڀڳت سنگهه واضح طور تي چئي رهيو هو ته، “جيڪڏهن ننڍي کنڊ ۾ حقيقي آزادي يعني سوشلسٽ انقلاب نه آيو ته، انگريزن جي جاءِ تي ڪارا انگريز (يعني مقامي حڪمران طبقا) هتي جي ماڻهن سان بُکَ، بيماري، ذلت، خُواري، باهه ۽ رت جي اهڙي راند کيڏندا، جنهن  سان انسانيت شرمائجي ويندي”. شايد حقيقي آزادي ۽ انقلاب جي باري ۾ ان واضح سوچ ۽ ان سوچ جي عوامي تائيد جي ڪري برطانيا جي بادشاهه ۽ ان جي اسٽيبلشمينٽ ڦاسي ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪئي.

ڀڳت سنگهه اسان جي ڌرتيءَ جو عظيم سپوت آهي. ان جو تعلق فيصل آباد ضلعي جي تعلقي جڙانوالا جي وسنديءَ “بنگا” جي چڪ نمبر 150 جي بي سان هو. سندس قبيلو سنڌو جاٽ سڏرائيندو هو ۽ هن قبيلي جي ماڻهن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ نه صرف ڀرپور حصو ورتو پر قربانيون به ڏنيون. ڀڳت سنگهه ننڍپڻ ۾ ئي انقلابي ٿي ويو هو ۽ نوجوانيءَ ۾ ان مارڪسزم جو مطالعو ڪيو هو. 1919ع ۾ جڏهن جليانوالا باغ جو سانحو ٿيو ته ڀڳت سنگهه جي عمر 12 سال هُئي. هُو ڪُجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ ان هنڌ پهچي ويو، جتي برطانوي سرڪار جي حڪم تي هٿين خالي ماڻهن تي گوليون هلائي سوين ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ ان هنڌ تي شهيدن جو رت تازو هو. 20 فيبروري 1921ع تي گوردوارا ننڪانه صاحب ۾ برطانوي حڪومت جي حڪم تي قتلام ٿيو. اتي يتيم ٻارن ۽ بيواهن ڀڳت سنگهه جي ڳوٺ ۾ اچي پناهه ورتي. ڀڳت سنگهه اهي سمورا ظلم ڏسي چُڪو هو، اُن ڪري هُن پهرين نوجوان ڀارت سڀا جي نالي سان تنظيم ٺاهي، پوءِ هندوستان سوشلسٽ ريپبليڪن ايسوسيئيشن کي منظم ڪيو ۽ نوجوان کي انقلابي سرگرمين تي آماده ڪيو. سائيمن ڪميشن خلاف جڏهن سڄي هندوستان ۾ احتجاج شروع ٿيو ته ڀڳت سنگهه ۽ اُن جي ساٿين اُن ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهيءَ احتجاج ۾ پوليس جي لٺبازيءَ جي ڪري آزاديءَ جي تحريڪ جي هڪ اڳواڻ لالا لجپت راءِ جو موت ٿيو هو. ڀڳت سنگهه ۽ اُن جي ساٿين کي ان جو تمام گهڻو صدمو پهتو ۽ انهن ان جو بدلو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اُنهن هڪ انگريز پوليس آفيسر اسڪاٽ تي حملو ڪيو ۽ سُڃاڻپ جي غلطيءَ جي ڪري ٻيو انگريز آفيسر سنڊريس مارجي ويو. ان کانپوءِ ڀڳت سنگهه ۽ ان جا ساٿي ڪجهه عرصو روپوش ٿي ويا، پوءِ انهن دهليءَ ۾ ليجسليٽِو اسيمبليءَ تي حملو ڪيو ۽ حملي کانپوءِ پاڻ گرفتاري ڏئي ڇڏي. ڀڳت سنگهه هندوستان جي نوجوانن جي دلين جو آواز بڻجي ويو. ان جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ انگريز سرڪار لاهور سازش ڪيس آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن تحت ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين کي ڦاسي ڏني وئي. جيڪڏهن ڀڳت سنگهه کي ڦاسي نه ڏني وڃي ها ته اڄ ننڍي کنڊ جي تاريخ مختلف هجي ها. شايد ڪانگريس ۽ مسلم ليگي قيادت جو به اهو ڪردار نه هجي ها، جيڪو ڀڳت سنگهه جي ڦاسيءَ کانپوءِ وڌيڪ اُجاگر ٿيو. ان وقت به ڀڳت سنگهه گانڌيءَ کان وڌيڪ مقبول هو. ڀڳت سنگهه ننڍي کنڊ جي سياسي ڌارا کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃي رهيو هو. جيڪڏهن ڀڳت سنگهه جي تحريڪ ڪامياب ٿي وڃي ها ته، نوآبادياتي غلاميءَ مان آزاديءَ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جديد نوآبادياتي ۽ سامراجي تسلط ۾ نه اچن ها ۽ هن خطي جي ماڻهن سان اهو ڪجهه نه ٿئي ها، جنهن جي اڳڪٿي ڀڳت سنگهه ڪئي هئي. ڀڳت سنگهه ڀارت ۾ اڄ به نوجوانن جو سڀ کان مقبول هيرو آهي ۽ اُتي ڀڳت سنگهه جو ڏهاڙو جوش ۽ خروش سان ملهايو وڃي ٿو. 2008ع ۾ “انڊيا ٽوڊي” اخبار هڪ سروي ڪرايو هو، جنهن ۾ ڀڳت سنگهه کي گانڌي ۽ سڀاش چندر بوس کان به وڏو ماڻهو قرار ڏنو ويو. ڀڳت سنگهه سنڌو ماٿري جو فرزند آهي پر افسوس اهو آهي ته، اسان جي نوجوانن کي هن سورمي کان بيخبر رکيو ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۽ تحريڪ جو جيڪو بيانيو پاڪستان جي مقتدر حلقن جوڙيو آهي، ان جو شهيد ڀڳت سنگهه جي بيانئي سان ٽڪراءُ آهي. شايد ان ڪري ڀڳت سنگهه جو ڏينهن نٿو ملهايو وڃي. جيڪڏهن اهو ڏينهن ملهايو وڃي ۽ نوجوانن کي ڀڳت سنگهه جي بيانئي جي خبر پوي ته، اڄوڪو نسل اها حقيقت ڄاڻي وٺندو ته، هٿرادو “مقبوليت” جي بنياد تي عدالتون هڪ سياسي اڳواڻ کي رليف ڇو ڏئي رهيون آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ حقيقي مقبوليت جي بنياد تي ڀڳت سنگهه کي رليف ڇو ڪونه ڏنو هو ۽ ڀٽي صاحب جي ڪيس وانگر ٺوس شهادتون نه هجڻ باوجود انگريز آفيسر جي قتل جي الزام ۾ ڀڳت سنگهه ۽ ان جي ساٿين جي موت جي سزا ڇو برقرار رکي وئي. 23 مارچ کي ڀڳت سنگهه جي شهادت جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ته نظرياتي بحران ۽ سياسي گمراهي مان نڪرڻ سان گڏوگڏ هن نظام مان نجات ملڻ ۾ پڻ مدد ملندي. جنهن ۾ سامراج نواز منهن زور ادارا ۽ انهن جا ڪارندا عوام جي جمهوري، معاشي ۽ بنيادي حق ۽ آزاديون غضب ڪري ويٺا آهن.