خانپور مھر (ن پ ا) خانپور مھر ويجھو گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويل  معصوم  ڀيڻ ڀاءُ جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد صحت کاتو جاڳي پيو، صحت کاتي خانڳڙھ  جي ٽيم ڊاڪٽر شاھ پسند مھر ۽ عالم سيال جي اڳواڻي ۾ متاثر ڳوٺ جعفر ملڪ  ۾ پهچي وئي، جتي ڳوٺ جي ٻين ٻارن جي چڪاس ڪرڻ بعد ڪجھه گيسٽرو متاثر ٻارڙن سڪينه، رضيه ۽ ٻين کي دوائون فراھم ڪيون ويون. جڏھن ته ھڪ گيسٽرو متاثر 13 ورھين جي پروين ملڪ کي خانپورمھر اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن خانپورمھر سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر فياض راجپوت ٻڌايو ته گيسٽرو متاثر مريضن لاءِ اسپتال عملي کي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. واضح رهي ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ جعفر ملڪ ۾ ڀاءُ ڀيڻ 5 ورھين جو جنيد ۽ 3 ورھين جي ساجده ڌي غازي ملڪ گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا ھئا.