سکر(بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽر علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار ڌر جي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي. اڳوڻي سينيٽر ۽ جمعرت علماءِ اسلام جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي دھشتگردي جي انت واري سکر سينٽرل جيل ۾ قائم عدالت جي جج آنندرام ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران جوابدار ڌر جي وڪيل عدالت کي موڪل جي درخواست ڏني، جنھن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران فريادي ڌر طرفان شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي فرزند مولانا ناصر محمود سومرو، وڪيل اطھر عباس سولنگي، جي يو آءِ سکر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ، طارق سومرو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏھن ته فريادي ڌر جي وڪيل اطهر عباس سولنگي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدر ڌر جو وڪيل ست سالن کان غير حاضر رهي ٿو، جنهن ڪري ڪيس سست رفتاريءَ جو شڪار آھي، جوابدار ڌر کي سرڪاري وڪيل فراهم ڪيو وڃي ته جيئن ڪيس هلي سگهي. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مولانا ناصر محمود سومرو جو چوڻ هو ته سندس والد جو ڪيس سست رفتاريءَ جو شڪار آھي ست سال گزي ويا آھن ۽ اٺون سال ٿيڻ وارا آھن پر کين انصاف ناھي مليو. ھن وقت تائين مڪمل سرڪاري شاهدن توڙي گواھن جا بيان به ريڪارڊ نه ٿي سگهيا آھن، عدالت مان انصاف جي اميد آھي.