حڪومت ۾ آياسين ته مهانگائي جو خاتمو آڻي عوام کي وڏو رليف ڏينداسين: نواز شريف

0
45

سيالڪوٽ: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف  چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت هجي ها ته ملڪ ترقي يافته هجي ها، ماڻهو ماني لاءِ محتاج نه هجن ها، هن ڀيري حڪومت ۾ آياسين ته مهانگائي جو خاتمو آڻي عوام کي وڏو رليف ڏينداسين ۽ نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي پڻ بيهارينداسين

 سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته 8 فئبروري تي عوام پنهنجو مينڊيٽ اسان کي ڏي، اسان سندن اميدن تي پورو لهنداسين

 شهباز شريف  چيو آهي ته 8 فئبروري جو سج اسان جي پارٽي جي سوڀ جو سج بڻجي اڀرندو، مخالف چون ٿا ته ن ليگ لاهور کان ٻاهر نڪري جلسا نه پئي ڪري

هن چيو ته اڄ اسان سيالڪوٽ ۾ وڏو جلسو ڪري مخالفن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا، سيالڪوٽ جو اڄوڪو جلسو گواهي ڏي ٿو ته 8 فئبروري تي مخالفن  جي سياسي موت جو  جنازو نڪرندو

هي به پڙهندا

بلوچن کي پنهنجا حق ڏيارينداسين: آصف زرداري جو اعلان