بلوچن کي پنهنجا حق ڏيارينداسين: آصف زرداري جو اعلان

0
69
بلوچن کي پنهنجا حق ڏيارينداسين: آصف زرداري جو اعلان
بلوچن کي پنهنجا حق ڏيارينداسين: آصف زرداري جو اعلان

حب: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ ۾ اڃا به پرفيڪٽ جمهوريت ناهي، پيپلز پارٽي حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ چاهي ٿيِ، هٿيار کڻي وڙهڻ مسئلي جو حل ناهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حب شهر ۾ جلسي کي خطاب ڪيو، بلوچن کي سندن حق ڏيارڻ جو اعلان ڪيو ويو

آصف علي زرداري چيو ته هٿيار ڦٽا ڪري جمهوريت طرف اچو، جمهوريت تي  هلڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا، پاڪستان جا مسئلا صرف سياسي قوتون ئي حل ڪري سگهن ٿيون

هن چيو ته پيپلز پارٽي سان ڪهڙي ڪهڙي زيادتي نه ٿي آهي پر پ پ ڪڏهن به ويڙهه جي ڳالهه ناهي ڪئي، ڀٽڪيل نوجوانن کي سمجهايو ته هٿيار نه کڻن، سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۾آهي، حب شهر ڪراچي کان هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، هتي اسپتال هئڻ گهرجي

آصف زرداري چيو ته هن شهر کي ڪراچي جهڙو ئي هئڻ گهرجي، هتي به پاڻي جي سهولت، ڪاليج ۽ يونيويسٽي هئڻ گهرجي، بلوچستان جي بجيٽ چار ڀيرا وڌائي وئي پر  ڪم ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، شايد بجيٽ  دوستن جي کيسي ۾ هلي وئي

هن چيو ته  اڄ کان حب کي ترقي ڏيارڻ جي ذميواري اسان کڻون ٿا، اوهان امن بحال ڪرايو ته ڪراچي جا سيڙپڪار پاڻ هتي ايندا،  جلسي ۾ آصف زرداري کي بلوچ رسمن تحت پَٽڪو پڻ پارايو ويو