ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان ڳوٺ بھادر خاصخيلي ۾ محمد امين خاصخيلي جي گھر کي کاٽ ھڻي چور ٻڪريون چوري ڪري رھيا ھئا ته گھر ڌڻين سجاڳ ٿي ھڪ چور کي سوگهو ڪري ورتو، ڳوٺاڻن چور جو نالو شهزاد جانوري ٻڌايو، ڳوٺاڻن موجب چور وٽان هڪ پسٽل هٿ ڪيو ويو، چور کي ڪٽڪي بعد پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب پڪڙيل چور ٻڌايو ته گڏ 2 ٻيا چور به هيا جيڪي ڀڄي ويا آهن، پوليس گهرڌڻي نديم خاصخيلي جي فرياد تي ٽن چورن شهزاد جانوري، امير بخش ڌنئورو ۽ امير عرف ددو ٻوڙاڻو خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.