ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ختم ٿيڻ بعد حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن ڌار ڌار پريس ڪانفرنسون ڪري هڪ ٻئي تي الزام هنيا، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خواجا اظهار الحسن ۽ خرم شير زمان چيو ته سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جا وڏيرا پاڻي چوري ڪن پيا، جڏهن ته سزا وري ڪراچي جي شهرين کي ڏني پئي وڃي. اسان ايوان اند پاڻي جي مسئلي تي ڳالهائڻ پي چاهيو پر اسپيڪر اسان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني. هنن سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اپيل ڪئي ته اهي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن کان پڇن ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي ڳالهائڻ ڇو نه پيو ڏنو وڃي؟ اهڙي پريس ڪانفرنس بعد صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مخالف ڌر اجايو تماشو ڪيو، پي ٽي آءِ ۽ متحده جي ميمبرن ايوان جي ڪارروائي هلڻ نه ڏني، هنن ڪراچي کي پاڻي ڏيو جا نعرا انڪري هنيا جو اهي هاڻ ڪراچي مان اليڪشن هارائي رهيا آهن، ڪراچي جو مينڊيٽ هاڻ ايم ڪيو ايم يا پي ٽي آءِ نه پر پيپلز پارٽي وٽ آهي. هن چيو ته پ پ جڏهن سنڌ اندر پاڻي کوٽ خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي جي نالي تي ناٽڪ شروع ڪيا آهن. کين اهڙي حرڪت مان ڪجهه به نه ورندو، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جيڪڏهن سنڌ سان سچا آهن ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ اسان جو احتجاج ۾ ساٿ ڏين.