ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي معاملي تي اپوزيشن جو شديد احتجاج، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پلي ڪارڊ کڻي ايوان اندر پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي ڪئي، اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جيئن ئي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ڪراچي کي پاڻي ڏيو جا پلي ڪارڊ کڻي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج شروع ڪيو، متحده جي ايم پي اي محمد حسين پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ان ڪري اسان کي پاڻي معاملي تي ڳالهائڻ ڏنو وڃي پر اسپيڪر کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني. مخالف ڌر جي ميمبرن جي شديد احتجاج تي اسپيڪر 10 منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪيو. 10منٽن بعد جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي نعريبازي شروع ڪئي. احتجاج دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته ڪراچي سان ظلم ٿي رهيو آهي، ڪراچي کي پاڻي نه پيو ملي، سڄي سنڌ ۾ بااثر وڏيرا پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته مخالف ڌر جا ميمبر پهريائين پنهجن بينچن تي ويهي اجلاس جي ڪارروائي هلڻ ڏين، آئون کين ڳالهائڻ جي اجازت ڏيندس، انهي دوران اسپيڪر پارلياماني سيڪريٽري ڪلثوم چانڊيو کي اسٽيوٽا بابت سوالن جا جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي، ڪلثوم چانڊيو مخالف ڌر جي ميمبرن جي شديد نعريبازي دوران سوالن جا جواب ڏنا. اپوزيشن جي مسلسل احتجاج سبب اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.