پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق انڪشاف ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس تي مون حڪومت کي مشورو ڏنو هو ته ايمرجنسي لاڳو ڪري فنڊ مختص ڪيا وڃن. پشاور جي الخدمت اسپتال ۾ ڪورونا يونٽ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته دنيا ڪورونا وبا کان متاثر آهي، حڪومت 14 مهينن ۾ ڪي به بندوبست نه ڪيا. هن چيو ته حڪومت کي مشورو ڏنو هو ته ايمرجنسي لاڳوڪري فنڊ مختص ڪيا وڃن. ڪورونا يونٽ جي قيام سان پشاور جي وڏين اسپتالن تي مريضن جو بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته 22 ڪروڙ جي آبادي لاءِ 1 هزار کان وڌيڪ وينٽيليٽر آهن، حڪومت ڪوشش ڪئي ته وينٽيليٽرز جي انگ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. جماعت اسلامي اِهو به چيو ته افسوس، اسپتالن ۾ گنجائش نه هئڻ تي مريضن کي واپس موڪليو پيو وڃي. پرڏيهه کان ملندڙ فنڊن مان رڳو 13 سيڪڙو ڪورونا متاثرن تي خرچ ٿيا، باقي فنڊ حڪومت پنهنجي بندوبست تي خرچ ڪيا.