اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب اڳوڻي گهرو وزير ۽ نواز ليگ جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي. نيب پاران گهرو وزارت کي خط لکيو ويو جنهن ۾ احسن اقبال جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو ته احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي ته جيئن ٻاهرين ملڪ نه وڃي سگهي. احسن اقبال خلاف نارروال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جو ڪيس احتساب عدالت ۾ هلي رهيو آهي ۽ احسن اقبال ضمانت تي آهي.