حڪومت پاران ميڊيا اٿارٽي بابت 20 تجويزون پيش: صحافتي تنظيمن رد ڪري ڇڏيون، گڏيل ڪاميٽي قائم

0
504
حڪومت پاران ميڊيا اٿارٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ وزارت پارليامينٽ جي ڪاميٽي ۾ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت پهريون ڀيرو 20 تجويزون لکت ۾ پيش ڪري ڇڏيون، صحافتي تنظيمن اٿارٽي جي قيام واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، حڪومت ۽ صحافتي تنظيمن جي گڏيل ايڪشن ڪاميٽي قائم ڪئي وئي تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينر مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ٻن صفحن تي ٻڌل 20 نقاطي تجويزون پيش ڪيون، تجويزن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته حڪومت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، پريس رجسٽريشن آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن (اي بي سي)، نيوز پيپر ايمپلائيز ٽربيونل (آءِ ٽي اين اي) جا سمورا مامرا پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڏيڻ چاهي ٿي، ان کانسواءِ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا آرڊيننس 2007ع، موشن پڪچر آرڊيننس 1979ع، پريس ڪائونسل آف پاڪستان آرڊيننس 2002ع، پريس، نيوز پيپرز، نيوز ايجنسيز ۽ بوڪ رجسٽريشن آرڊيننس 2002ع، نيوز پيپرز ايمپلائيز (سروس جا شرط) ايڪٽ 1973ع کي ختم ڪري اهي مامرا به پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڏيڻ جي تجويز آهي، ان اٿارٽي کي نوان لائسنس ڏيڻ، رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ، ڊڪليئريشن، اين او سي، اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا فلم ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي اين او سي ڏيڻ جا اختيار ڏيڻ جي تجويز آهي، اٿارٽي چيئرمين کانسواءِ 12 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جن مان 6 ميمبر نجي سيڪٽر مان هوندا، ان اٿارٽي جي قانون تحت ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن قائم ڪرڻ جي به تجويز آهي جنهن کي ڪنهن کي به طلب ڪرڻ جو اختيار هوندو، اها ڪميشن لکت ۾  درخواست جي 21 ڏينهن اندر مناسب ڪارروائي کي يقيني بنائيندي، ان کي جرمانو لاڳو ڪرڻ، لائسنس جي معطلي جا اختيار هوندا، ميڊيا ٽربيونل به قائم ٿيندا، جنهن جو چيئرمين هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ جي اهليت رکندڙ ٿي سگهندو، ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهندا، اپيل جو فيصلو 21 ڏينهن ۾ ٿيندو، ان اٿارٽي کي سوشل ميڊيا جي مامرن کي ڏسڻ جو به اختيار هوندو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي ۽ پريس ڪلبن سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن ڪاميٽي جي ڪنوينر مريم اورنگزيب جو بيان آيو ته اسان هن ڪاري قانون کي نه ٿامڃيون، مريم اورنگزيب کي اعتراض هو ته ڪاميٽي ۾ ان جو اظهار ڪري ها، اسان ريگيوليٽري باڊيز تي 4 ارب رپيا خرچ ڪيون ٿا، هاڻي اسان هڪ اٿارٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته سمورا مامرا هڪ  ڇٽي هيٺ اچن، پيمرا جا 600 ملازم آهن، ان اداري تي پوڻا 3 ارب رپيا خرچ ٿئي ٿو، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جنهن ۾ 4 ميمبر ميڊيا، 4 حڪومت جا ۽ هڪ چيئرمين هوندو، ميڊيا ڪمپلينٽ ڪميشن به قائم ٿيندي، جنهن تي مريم اورنگزيب چيو ته تجويزون پهريان ڏنيون ويون آهن ۽ ڳالهه ٻولهه بعد ۾ ڪئي پئي وڃي، اٿارٽي جي ان مسودي کي ڪو به قبول نه ڪري رهيو آهي، سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هن وقت پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جو اڃا ڪو مسودو نه ٺاهيو ويو آهي، نه ئي آرڊيننس آندو پيو وڃي، پي ٽي آءِ ميمبر ڪنول شوزب مريم اورنگزيب کي ڪنوينر مقرر ڪرڻ تي اعتراض واريندي چيوته ڪاميٽي ٻيهر قائم ٿيڻ گهرجي، نفيسا شاهه چيو ته حڪومت پاڻ ڪليئر ناهي، پر ميڊيا جا مامرا هڪ ڇٽي هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪو مسودو ئي ناهي ته ان تي ڇا ڳالهايون، ريگيوليٽريز باڊيز موجود آهن، انهن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي مختلف صحافي تنظيمن ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪاميٽي اطلاعات وزارت کان هڪ هفتي ۾ فيڪ نيوز جي قانوني تعريف طلب ڪري ورتي آهي، ميڊيا اٿارٽي بابت 21 سيپٽمبر تائين سمورن ڀائيوارن کي لکت ۾ تجويزون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڪاميٽي 7 ريگيوليٽري ادارن جو موقف ٻڌڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت اڃا تائين ڪو مسودو نه آندو آهي، آرڊيننس جي شڪل ۾ قانون نه آندو وڃي.

مملڪتي وزير فرخ حبيب جو چوڻ هو ته اها به فيڪ نيوز هئي ته حڪومت آرڊيننس آڻي رهي آهي، ڊرافٽ اڃا تائين ٺهيو ئي نه آهي، مشاورت مڪمل ٿيڻ بعد ڊرافٽ ٺهندو،  پ پ جي نفيسه شاهه چيو ته فيڪ نيوز جو معاملو آهي ته ان تي پيڪا  جو قانون موجود آهي،  حڪومت ۽ فواد چوڌري کي ٻڌو آهي، اهي پاڻ ڪليئر نه آهن.هوڏانهن سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت ڪاميٽي جو به اجلاس ٿيو، جنهن  ۾ به صحافتي تنظيمن شرڪت ڪئي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري  پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن کان راءِ گهري آهي، پي ايم ڊي اي بابت اڃا تائين تجويزون آهن، تجويزون منظور ٿيون ته ٺيڪ نه ته انهن ۾ تبديلي آڻينداسين، ڪاميٽي چيئرمين فيصل جاويد جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان اظهار راءِ جي آزادي  تي يقين رکي ٿو، عمران خان جي حڪومت صحافت تي ڪنهن قسم جي پابندي نه لڳائيندي، اسان پي ايم ڊي اي جي تصور بابت تفصيل طلب ڪيا آهن.

اسلام آباد: حڪومت پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت گڏيل ايڪشن ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، سڌ سماءَ وزارت پاران پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪالهه  سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب سان ميڊيا تنظيمن جي نمائندن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پي بي اي، اي  پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي جا نمائندا شامل هئا، جنهن دوران پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ميڊيا تنظيمن ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت تحفظات جو اظهار ڪيو، جنهن بعد مٿي ڄاڻايل تنظيمن جي نمائندن ۽ سڌ سماءَ وزارت جي نمائندن تي ٻڌل گڏيل ايڪشن ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ايڪشن ڪاميٽي ۾ فيڪ نيوز خاص طور تي سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن، ميڊيا ورڪرز جي حقن سميت ريگيوليٽري فريم ورڪ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جهڙن مامرن تي غور ڪيو ويندو.