حڪومت پئسا ۽ آرمي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، شفاف اليڪشن ڪيئن ڪرايون: چيف اليڪشن ڪمشنر

0
227

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طرفان فوري طور تي طلب ڪرڻ بعد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ٿي ڪري سگهي، گورنر يا صدر اليڪشن جو اعلان ڪري سگهن ٿا

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سپريم ڪورٽ ۾ پيشي ٿي بيان ڏنو ته حڪومت پئسا نٿي ڏئي، فوج پاران سيڪيورٽي نه پئي ڏني وڃي، ماتحت عدليه 2018 ۾ اسٽاف ڏنو هو، هاڻي اسٽاف ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، حڪومت اليڪشن لاءِ پئسا نه پئي ڏئي، اليڪشن ڪميشن جا اختيار روڪيا ويا آهن

پئسا نٿا ملن، سيڪيورٽي نٿي ملي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪيئن ڪرايون؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جو معاملو هوا ۾ اڏائي ڇڏيو پر مقررين ۽ بدلين جي گائيڊ لائين ٺاهڻ کيس ياد رهيو

دالت رمارڪس ۾ چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ رڳو اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، عدالت چونڊن ۾ رنڊڪن بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کان سڀاڻي تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر کي سڀاڻي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو

 سپريم ڪورٽ سي سي  پي او لاهور جي ٽرانسفر ڪيس ۾ اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر کي طلب ڪيو هو، عدالت ٻاهران ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته چونڊن جي تاريخ عدالت کي ڏيندس

هي به پڙهندا

اسلام آباد: ايف نائين پارڪ ۾ عورت سان زيادتي ۾ ملوث 2 جوابدار مارجي ويا: پوليس