مهراڻ، دائود، نصرت، اروڙ، آءِ بي اي سکر، ٽيڪنيڪل ۽ شهيد الله بخش ۾ نوان وي سي مقرر

0
667
نيب ريفرنس، مراد علي شاهه عدالت طلب
نيب ريفرنس، مراد علي شاهه عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽ : سترام مهيشوري) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه پرڳڻي جي 7 مادرعلمين جي 4 سالن لاءِ مستقل وي سيز جي منظوري ڏئي ڇڏي، 7 مان 6 وي سيز  جو مهراڻ ورسٽي سان تعلق رهيو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه وزيراعليٰ مراد شاهه سليڪٽ ڪاميٽي پاران تجويز ڪيل اميدوارن جا انٽرويو وٺڻ بعد نالا فائنل ڪري ڇڏيا

UET - Mehran University of Engineering and Technology Admission 2022 Last  Date

ذريعن موجب مهراڻ يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر علي طحيٰ حسين بلوچ، دائود يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر ثمرين حسين، شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشوري لاءِ ڊاڪٽر محمد علي شيخ، شهيد بينظير ڀٽو ٽيڪنيڪل يونيورسٽي خيرپور لاءِ ڊاڪٽر رسول بخش مهر مقرر ڪيوويو

نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي لاءِ زاهد کنڊ، اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ لاءِ ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو ۽ آءِ بي اي سکر لاءِ اين اي ڊي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر آصف شيخ کي وي سي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

Dawood University of Engineering & Technology Karachi – Together We Grow

ذريعن موجب 7 وي سيز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن اڄ يا جمعي تي جاري ٿيندو. واضح رهي ته علي طحيٰ حسين هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۽ ڊاڪٽر ثمرين حسين اروڙ يونيورسٽي ۾وقتي وي سي مقرر ٿيل هئا، جڏهن ته ڊاڪٽر محمد علي شيخ سنڌ مدرسي ۾2 ڀيرا وي سي رهي چڪو آهي