لاهور (م ڊ) نواز ليگ حڪومتي وزيرن کي شهباز شريف خلاف ثبوت ميڊيا تي آڻڻ جو چيلنج ڪندي شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري جِي عدالتي حڪم تي تنقيد کي توهينِ عدالت قرار ڏنو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهبازشريف جي ضمانت بابت عدالت فيصلي ۾ واضح ڪيو ته نيب الزام لڳايا آهن ته ان کي ثابت به ڪرڻا پوندا، هن چيو ته آمدني ذريعن جو تعين ڪرڻ کانسواءِ الزام ڪيئن ٿا لڳائي سگهجن؟ الزام لڳائيندڙ پنهنجي حيثيت ۽ اثاثن بابت ٻڌائن. شاهد خاقان چيو ته عوام به ٽن سالن کان لڳايل الزام ڄاڻڻ چاهي ٿو، نيب اعتراف ڪيو ته شهبازشريف ڪابه رشوت ناهي ورتي، 55 واليم هجي يا 55 هزار واليم هجي، ثبوت ڏيڻ ضروري آهي، ثبوتن بنا واليم ڪنهن ڪم جو نه آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اپوزيشن ليڊر کي ڪهڙي بنياد تي نيب ريمانڊ ۽ جيل ۾ وجهي سگهي ٿو؟ نيب جو چيئرمين آئين ۽ قانون کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي، آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهندڙ سڀاڻي جوابده هوندا. نيب شهباز شريف خلاف ڪرپشن ۽ڪِڪ بيڪس جا ڪَي به ثبوت آڻي ناهي سگهيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته شهباز شريف تي لڳل الزامن کي سچ نٿو مڃِي سگهجَي، احسن اقبال، شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته نيب جا الزام الف ليليٰ جِي ڪهاڻي کانسواءِ ڪجهه ناهن، لاهور هاءِ ڪورٽ جَي فيصلي تي حڪومتي وزيرن جِي تنقيد توهين عدالت جَي زِمري ۾ اچي ٿِي..