حڪومت جو سڄي ملڪ ۾ ڪورونا پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان

0
214
حڪومت جو سڄي ملڪ

ڪراچي (م ڊ) حڪومت ڪورونا جي حوالي سان سموريون پابنديون هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر ملڪ مان ڪورونا پابنديون هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

صحت جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ ڪورونا بابت سموريون پابنديون ختم ڪيون پيون وڃن

هن چيو ته 70 سيڪڙو ماڻهن کي مڪمل ويڪسينيشن ڏني وئي آهي جڏهن ته وبا ختم نه ٿي آهي، وبا خاتمي جي مرحلي ۾ آهي

واضح رهي ته حڪومت اينٽي ڪورونا ايجنسي اين سي او سي کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو اعلان جلد ٿيڻ جو امڪان آهي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 10 ماڻهو وبا وگهي فوت