سڳيون ڀرسان باھ ۾ سڙي زخمي ٿيل 4 مان 3 ٻارڙا فوت

0
267
ڀرياسٽي: ڳوٺ ڪانڊيرو

گمبٽ/ سڳيون  (نمائندن وٽان) سڳيون ڀرسان گهر ۾ پيل بهه کي باھ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل 4 ٻارڙن مان 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڳوٺ شاهنواز ڀٽي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عارفه ولد رياض حسين ڀٽي، مهدي حسن ولد رياض حسين ڀٽي، محمد اويس ولد محمد حسن ڀٽي ۽ وقار علي ولد محمد حسن سڙي شديد زخمي ٿي پيا هئا، جن کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو

سڙي زخمي ٿيل 8 ورهين جو مهدي حسن ۽ سندس 4 ورهين جي ڀيڻ عارفه ڀٽي ۽ 7 سالن جو وقار زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته چوٿون ٻارڙو محمد اويس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي