ارجنٽينا جي انوکي فيملي: 22 سال ڪار ۾ رلندي رهي

0
547
ارجنٽينا جي انوکي

ارجنٽينيا(انٽرسٽنگ نيوز) پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ آفريڪي ملڪ ارجنيٽينا جو هڪ خاندان “زيپ فيملي” 22 سالن لاءِ رکيل سفر خاص ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوڙو لاڳيتو ٻاويهن ورهين تائين ڪار ۾ سفر ڪندو رهيو، ان دوران 5 کنڊن جا 102 ملڪ گهميا. زپ فيملي جي ڀاتين برمن ۽ ان جي زال ڪينڊيليرا 22 ورهين تائين ٻارن سميت مجموعي طور 3 لک 62 هزار ڪلوميٽر سفر  طئي ڪيو، ان دوران کين 4 ٻار به پيدا ٿيا

پنهنجي سفر دوران جوڙي اڪثر ماڻهن جي گهرن ۾ رهائش اختيار ڪئي. جوڙي موجب هنن پنهنجي ڊگهي سفر جي پڄاڻي بيونس آئرس ۾ ختم ڪيو، جتان 22 سال اڳ شروع ڪيو هو. سفر جي شوقين خاندان 22 ال اڳ هڪ پراڻي ماڊل ڪار ورتي هئي، سفر ۾ هن ٽائر جا 8 سيٽ تبديل ڪيا ۽ 2 ڀيرا انجڻ جو ڪم ڪرايو.