حڪومت توڙي مخالف ڌر ٻئي اسٽيبلشمينٽ جي آسري

0
280
حڪومت توڙي مخالف ڌر ٻئي اسٽيبلشمينٽ جي آسري

 اڄ ڪلهه ملڪ ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پهتل آهن، سياسي اڳواڻن جون ملاقاتون ايتريون زور شور سان ٿي رهيون آهن جو ايئن ٿو لڳي ته شايد مارچ جو مهينو ملڪي سياست ۾ ڪو ڀونچال آڻي ڇڏيندو، بحر حال هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمن آصف علي زرداري لاهور ۾ ڪجهه ڏينهن گذارڻ کان پوءِ واپس اسلام آباد پهچي چڪو آهي. هن لاهور ۾ پنهجي فرزند چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ جيڪي ملاقاتون ڪيون انهن بابت پيپلز پارٽي جا اڳواڻ گهڻا پر اميد آهن ته مثبت نتيجو نڪرندو.آصف علي زرداري جي لاهور ۾ ن ليگ جي اڳواڻن مريم نواز، شهباز شريف ۽ ٻين سان ملاقات ۽ شهباز شريف جي گجرات جي چوڌري ڀائرن سان ملاقات اهڙو عمل آهي جنهن سان هو پر اميد آهن ته هو ايندڙ مهيني نه ته هلندڙ سال حڪومت لاءِ مشڪلاتون زور پيدا ڪندا.

انهن ملاقاتن ۾ سياسي جوڙ توڙ ڪندڙ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو به اهم ڪردار آهي، هن جي اها ڪوشش رهي آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي اپوزيشن جي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪجي. هن وقت تائين سندس اها ڪوشش ڪامياب ته ناهي ٿي پر  اهي ڪوششون جاري آهن. ڪجهه ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته هن وقت جيڪي ملاقاتون ٿي رهيون آهن انهن ملاقاتن پٺيان ڪجهه اهڙا سبب آهن جيڪي اپوزيشن جي سياسي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ناراضگيون ختم ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن، انهن سببن مان هڪ سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ هاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کان تنگ ٿي چڪي آهي. اسٽيبلشمينٽ هاڻي اهو سوچي رهي آهي ته عمران خان مان جان ڇڏائي وڃي نه ته عوام منجهه انهن لاءِ ڪاوڙ  جيڪا گهٽ حد تائين موجود آهي ان ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ هو عوام جي ڪاوڙ ۾ اضافو نٿا ڏسڻ چاهين ۽ هلندڙ سال جيڪا ڪمانڊ ۾ تبديلي ايندي ان وقت تائين هو نٿا چاهين ته عوام انهن جي ڪنهن به فيصلي تي ناراض ٿئي، عوام منجهه جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيو ته ان جو نقصان اسٽيبلشمينٽ کي پوندو.

شايد اهو ئي سبب آهي جو اپوزيشن جي سينيئر اڳواڻن جن پنهنجي اولاد جي هٿ مان پارٽي قيادت پنهنجي هٿ ڪري ملاقاتن ۾ تيزي آڻي ڇڏي، انهن ملاقاتن ۾ سڀ کان اهم ملاقات  چوڌري شجاعت ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان شهباز شريف جي ملاقات آھي، ان ملاقات جو پڙاڏو حڪومتي اتحاد جي صفن ۾ به ٻڌڻ ۾ آيو. ٻه ڏينهن پهريان توانائي جي حوالي سان هڪ ڪانفرنس ۾ آبي وسيلن جي وفاقي وزير ۽ چوڌري پرويز الاهي جي فرزند مونس الاهي وزير اعظم عمران خان جي موجودگي ۾ اهو چيو ته عمران خان صاحب سياست ۾ جيڪڏهن ڪا شخصيت لنگهي اچي ته ان تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو وڃي سياست جي ميدان ۾ اچ وڃ لڳي پئي هوندي آهي ان ڪري پي ٽي آئي وارن کي چئي ڇڏيو ته هو گهٻرائين نه، اوهان سان نينهن لاتو آهي سو نڀائيندا سين، باقي انهن ملاقاتن کان اوهان نه گهرايو. مونس الاهي جي جواب ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته پي ٽي آئي وارن کي گهٻرائڻ جي تربيت ناهي ڏني، هن صورتحال ۾ مونکي چوڌري ڀائرن مٿان مڪمل اعتماد آهي، گهٻرايل آهي آهن جيڪي ملاقاتون ڪري رهيا آهن. انهن کي ويهه سالن کانپوءِ چوڌري شجاعت جي صحت جو خيال آيو آهي ۽ هاڻي انهن کي تيمارداري جو خيال آيو آهي. اسانکي اهو به يقين آهي ته چوڌري ڀائرن وٽ جيڪا سياسي سجهه آهي شايد اها ڪنهن ٻئي وٽ هجي.  توانائي واري ڪانفرنس ۾ ٻنهي سياسي اڳواڻن جي ڏنل بيان مان اهو سمجهه ۾ ته اچي ٿو ته همراهه اپوزيشن جي اڳواڻن جي ملاقاتن کان پريشان ناهن پر انهن جي هر حرڪت تي نظر رکيو ويٺا آهن.

اپوزيشن جي اڳواڻن جي ملاقاتن پي ٽي آئي جي اندر به حرڪت آڻي ڇڏي آهي. سومر ڏينهن وزير اعظم عمران خان پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي  ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس هڪ ئي وقت گهرائي ورتو، ان ۾ اپوزيشن جي موومينٽ جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ وزير اعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته ان مئل اپوزيشن جي ان عمل کان پريشان نه ٿئي، اهڙين موومينٽس سياست ۾ ٿينديون رهنديون آهن. پي ٽي آئي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پارٽي ترجمانن کي سختي سان هدايت ڪئي وئي ته هو هر طرح سان اپوزيشن جي بيانيي کي منهن ڏين ۽ عوام وٽ پارٽي جو موقف پيش ڪن..

پي ٽي آئي جي صفن ۾ پارليامينٽ جا اهڙا ميمبر جيڪي  چئن سالن دوران وزير اعظم عمران خان سان هڪ منٽ به ملاقات نه ڪري سگهيا  يا وري  نظرانداز رهيا آهن انهن کي اپوزيشن اڳواڻن ٽارگيٽ بڻائي انهن سان رابطا ڪري ڇڏيا آهن. انهن رابطن بابت اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت تقريبن ٽيھه جي لڳ ڀڳ ميمبر ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام سان  رابطي ۾ آهن، شايد اسٽيبلشمينٽ کانپوءِ ٻيو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته اپوزيشن اڳواڻن کي همت ملي آهي ته حڪومت خلاف ڪجهه اهڙي حڪمت عملي جوڙجي جنهن سان  حڪومت مان جان ڇڏائي سگهجي. ان حوالي سان اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪي پي ٽي آئي جا ميمبر اپوزيشن سان رابطي ۾ آهن انهن کي وڏا خواب ڏيکاريا ويا آهن ته هنن جي ساٿ ڏيڻ تي وقت اچڻ تي کين نوازيو ويندو. ٻئي طرف حڪومتي اتحاد 18 فيبروري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي  جنهن بابت قومي اسيمبلي جا ميمبر ٻڌائين ٿا ته کين اهو يقين ڏياريو ويو آهي ته اهڙا ميمبر جيڪي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات نه ڪري سگهيا آهن انهن جي ملاقات ڪرائي ويندي ۽ انهن جا جيڪي مسئلا آهن انهن جو حل ڪڍيو ويندو. هاڻي جيڪڏهن سوچجي ته هڪ ايم اين اي جنهن سان وزير اعظم چئن سالن دوران مليو نه هجي اهو ڪهڙا مسئلا حل ڪندو. مونکي ته يقين آهي ته انهن ميمبرن کي يقين ڏياريو ويندو ته انهن جا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ کين حڪومتي فنڊ جاري ڪيا ويندا. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهڙا وعدا ڪري حڪومتي ڌر پنهجن ميمبرن کي پاڻ سان گڏ رکڻ ۾ ڪامياب ته ٿي وڃي پر ڇا اهي ميمبر جيڪي پارٽي قيادت کان ناراض هئا اهي انهن وعدن تي اعتبار ڪندا، يا وري جيڪڏهن اهي ٽيھه جي لڳ ڀڳ ميمبر جن تي اپوزيشن جي اڳواڻن پڳ ٻڌي آهي ڇااهي اپوزيشن جي اڳواڻن مٿان به يقين ڪري سگھن ٿا.

اسلام آباد جي سياسي ميدان ۾ اهو موقف واضح طور سامهون اچي چڪو آهي ته اپوزيشن عمران خان خلاف عدم اعتماد واري رٿ آڻڻ چاهي ٿي، ان صورتحال ۾ ڏسجي ته اپوزيشن وارن کي ڏهن ووٽن جي ضرورت آهي ۽ ٻئي طرف اپوزيشن جي اندروني صفن جي دعوا آهي ته هنن سان پي ٽي آئي جا ٽيھه کن ميمبر رابطي ۾ آهن، ان ڪري هو اها عدم اعتماد واري رٿ آڻڻ چاهين ٿا. انهن ٽيھه ميمبرن مان جيڪڏهن واقعي ئي ڏھه ميمبر اپوزيشن سان گڏجي وڃن ٿا ته عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿي سگهي ٿي پر ويجهي ماضيءَ کي ڏسون ته وڏيون دعوائون ڪندڙ اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ ته شڪست کاڌي پر سينيٽ ۾ به اڪثريت هوندي حڪومت پنهجي مرضيءَ جا بل پاس ڪرائي وئي. ان ويجهي ماضيءَ کي ڏسجي ته شايد هن ڀيري جنهن طريقي سان اپوزيشن وارن شڪست کاڌي شايد مستقبل ۾ به اپوزيشن جون دعوائون صرف دعوائون نه رهجي وڃن کين شڪست جو منهن نه ڏسڻو پئجي،

هن وقت  پي ٽي آئي جا اتحادي بظاهر حڪومت کان ناراض ته اچي رهيا آهن پر اندروني طور هو پنهنجا مفاد مڃرائڻ لا۽ حڪومت جي خلاف ڪنهن به عمل ۾ شريڪ ٿيندي نظر نٿا اچن، اسٽيبلشمينٽ به ٻٽو رويو رکي سڀني سياسي ڌرين کي راضي ڪندي اچي ٿي، انهن جي راضپي تي ئي اپوزيشن پنهجي راند رچائي آهي.

 ويجهي ماضيءَ ۽ سياسي ميدان ۾ انگ اکرن جي راند ۾ بظاهر وزير اعظم عمران خان جو پلڙو ڳرو نظر اچي رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ جي ٻٽي راند ۾ جيڪڏهن  انهن جو جهڪاءَ وزير اعظم عمران خان جي طرف ٿي ويو ته اپوزيشن وارا هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست جو منهن ڏسندا۽ اهڙن جهٽڪن ۾ ايندا جو وري ڪجهه عرصي لاءِ هڪ ٻئي جو منهن نه ڏسندا. ٻئي طرف معلومات رکندڙ اها معلومات به ڏئي رهيا آهن ته وزير اعظم عمران خان وقت کان پهريان ڪجهه دستاويز صحيح ڪري پنهنجي اعتبار واري صدر مملڪت کي اماڻي ڇڏيا آهن، جيڪي ڪنهن مناسب وقت تي استعمال ٿي سگهن ٿا انهن دستاويزن بابت  معلوم اهو ٿيو آهي ته اهي ڪنهن شخصيت جو مستقبل آهن.