زنده بمقابله مرده

0
170
موهن شهر جي ماهرن پاران دريافت ڪيل هڪ شهر جو ذڪر

 اهو دور، جڏهن گهڻا تڻا ماڻهو پنهنجو وات رڳو کاڌي پيتي جي لاءِ ئي استعمال ڪندا هئا. تڏهن، جڏهن سموري راڄ ستار ۾ رڳو ڪا هڪڙي ئي مائي ڀاڳل هوندي هئي، تنهن دور ۾ به ڏاها، ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿيڻ جو خدشو ذهن ۾ رکندي ماڻهن کي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ سـئو ڀيرا سوچڻ جي لاءِ چوندا هئا، ‘ابا، جيتر وات، اوتريون ڳالهيون!’ پر هي ته سوشل ميڊيا جي ٻڙڌول جو دور آهي، لکين چينلز ۽ ڪروڙين اڪائونٽس موجود آهن. ٻيو ته اهي ماڻهو ئي مري ويا جيڪي وات رڳو کاڌي پيتي جي لاءِ استمعال ڪندا هئا. هاڻي ته هرڪو ٿو ڄاڙي هڻي! هاڻي ته ‘جيترا وات، اوتريون ڳالهيون’ کان به قصو ٽپي ويو آهي. هاڻي ته هڪ هڪ وات ۾ هزارين وات آهن، ۽ هڪ هڪ وات ۾ هزارين ڳالهيون! اهڙي وٺ وٺان ۾ ڳالهيون گهٽ، ڳالهوڙا  وڌيڪ ٿي پيا آهن. هن دور ۾ شايد ئي ڪا ڳالهه هوندي جيڪا پنهنجي درست حالت ۾ ماڻهن تائين پهچندي هوندي نه ته هر ڳالهه اٽي مان گهوٻاٽو ٿي هلي رهي آهي. اهڙيون کوڙ ساريون خبرون آهن، جن جا هتي مثال پيش ڪري ٿا سگهجن پر سڀ گدرا مُٺ ۾ ڪونه ٿا ڪري سگهجن سو هتي هڪڙي وقت ۾ هڪ ئي ڪم ڪبو سو ان حوالي سان تازو ئي نواب ولي محمد واقعي  جو مثال اوهانجي سامهون پيش ڪريون ٿا.

اوهان يقين ڪريو، هي سمورو واقعو مڪمل طور تي اوهان تائين غلط پهچي رهيو آهي. بلڪه اُبتو پهچي رهيو آهي. حد ته اها آهي جو هن ويڙهه ۾ جيڪي مري ويا آهن تن کي جيئرو ڄاتو پيو وڃي ۽ جيڪي جيئرا آهن، تن کي مئل ڪوٺيو پيو وڃي. هنن کي ايترو به شعور ڪونهي جو مرده ۽ زنده جو فرق سمجهي سگهن. اصل ڳالهه رڳو ايتري هئي ته ڀنڊ برادري جي گگدام ماڻهن تي زردارين پاران گوليون وسايون ويون. گوليون لڳڻ ڪري ڀنڊ برادري جا پنج ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ صفا ڪمزور، نٻل ۽ اٻوجهه هئا، سي برجستا جوان ٿي پيا. يقين ڪريو، انهن بک مرندڙ انهن ماڻهن کي گوليون ماري نه سگهيون. اهو مڪمل طور غلط ٻڌايو پيو وڃي ته اهي مري ويا. اهي ماڻهو ته سموري سنڌ ۾ ڦهلجي ويا ۽ پوءِ اوهان ڏٺو ته سڄي سنڌ اچي انهن سان گڏ بيٺي! جن بگهڙن، انهن تي بندوقون هلايون هيون، تن کي اندازو ئي نه هو ته ڪو گولين جو اهو نتيجو نڪرندو! هُو اهو لقاءُ ڏسي ٻِرن ۾ لڪي ويا. جڏهن سموري سنڌ انهن جي ٻِرن تي لت ڏني ته هنن جو ساهه ٻوساٽجي ويو ۽ اسان اوهان کي ٻڌايون ته انهي نتيجي ۾ اهي مري چڪا آهن.

اسان اوهانکي اهو به ٻُڌايون ته هن ويڙهه ۾ رڳو اهي ڪونه مئا آهن پر انهن جا ساٿاري، اديب ۽ اديبائون، دانشور ۽ دانشورياڻيون به مري چڪيون آهن. انگ اکر ڪوڙا آهن ۽ ابتا آهن، هن ويڙهه ۾ گوليون کائيندڙ نه مئا آهن، گوليون هلائيندڙ مئا آهن.

ڳالهه رڳو ايتري ناهي، اهي پهريون ڀيرو نه مئا آهن. اهي هر هر مرندا رهندا آهن. اهي جڏهن به ڪنهن مظلوم تي گوليون هلائيندا آهن ته تاريخ انهن کي پيرن هيٺيان چيڀاٽي ڇڏيندي آهي. اهي تاريخ جي پيرن ۾ چچرجي مري ويندا آهن. ڪجهه عرصو اڳ، اوهان کي ياد هوندو ناظم جوکيو! ان ويڙهه ۾ به ناظم جوکيو نه مئو هو. ماريندڙ مئا هئا. تاريخ هنن جي لاءِ نه اڃا به نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا سزاءِ موت جو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.

سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهو، وري نمڪ حلال واٺن، ورڪرن ۽ ميمبرن تي ڪاوڙيا ويٺا آهن. چون ٿا، هي ماٺ ڇو آهن، ڀنڊ برادري جي حق ۾ ڳالهائن ڇو نٿا؟ منهنجي خيال ۾ اهي به ان ڏيئي پڙهيا آهن يا جهڙا ڄايا تهڙا رکيا آهن. ايترو به ڪونه ٿا سمجهن ته هتي سياست به عقيدو آهي. سو انهن نمڪ حلال واٺن، ورڪرن ۽ ميمبرن جو عقيدو اهو آهي ته کين مري به ‘سائين وڏي’ کي جواب ڏيڻو آهي سو هُو ڀلا ڪيئن ڪجهه ڪڇي سگهندا؟

هن سموري جنگ ۾ سڀ کان اهم ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه اها آهي ته هاڻي ماڻهن جو مطالبو اهو آهي ته پوليس گوليون هلائيندڙن کي هر صورت، هر حالت گرفتار ڪري. سنڌ جي سياڻي پوليس گهڻو ئي همراهن کي سمجهايو آهي ته اهي ان ضد تان لهي وڃن. اهو ممڪن ئي ناهي پر سائين هِنن همراهن کي ڪير سمجهائي! هي سمجهن ئي نٿا ۽ رهندو پوليس جي خلاف پيا ٻائتال ڪن. مون کي خبر آهي ته اوهان به هي خبرون پڙهي اسان تي خار کائيندا هوندا. اوهان به اسان کي ‘سائين وڏي’ جا ساٿاري سمجهندا هوندا پر يقين ڪريو اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي ڪا. اوهان جو ڏوهه ناهي، اسان پهرين ئي چئي آيا آهيون ته هتي ڳالهيون گهٽ ۽ ڳالهوڙا جام ٿا هلن، شايد ئي ڪا خبر هجي جيڪا اوهان تائين درست حالت ۾ پهچي سگهندي هجي سو هي خبر به اوهان تائين غلط پهتي آهي. پوليس جو ڪو ڏوهه ناهي. مُردن کي دفن ڪري سگهجي ٿو پر گرفتار نه. اوهان پاڻ سوچيو، پوليس مُردن کي ڪيئن ٿي گرفتار ڪري سگهي هُو جن جو پنهنجن ٻِرن ۾ ساهه ٻوساٽجي چڪو آهي، جيڪي مري چڪا آهن، تن کي ته هاڻي دفن ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ دفن ڪرڻ عوام جو ڪم آهي، پوليس جو نه.

درست ۽ صحيح سلامت خبر اها ئي آهي ته جيڪڏهن اوهان انهن اجتماعي مئلن کي دفن ڪرڻ چاهيو ته ڪري سگهو ٿا. اوهان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.