اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ خلاف حڪمت عملي طئي ڪري ورتي. ذريعن  موجب حڪومت بي اعتمادي رٿ خلاف حڪمت عملي جي طور تي اتحادي جماعتن کي خوش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي جماعتن جي ميمبرن کي مملڪتي وزير جو عهدو ڏنو ويندو ۽ اتحادي جماعتن سان ڪيل سمورا واعدا پاڙيا ويندا. ذريعن موجب اتحادي جماعتن جا خدشا فوري طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم ويجهن ساٿين سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته حڪومتي اتحاد ۾ شامل بلوچستان عوامي پارٽي ۽  ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت ٻين اتحادين وزارتن جو مطالبو ڪيو آهي.