لاهور(م ڊ) ايف آءِ اي مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ  سينيٽر اسحاق ڊار جي اقبالي بيان کي شهباز شريف خلاف ثبوت طور پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف خلاف مضبوط ڪيس جوڙڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. چالان ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسحاق ڊار شهباز شريف خلاف اعترافي بيان ڏنو، پاناما جي آءِ ٽي ۾ به ڊار جو بيان ثبوت طور پيش ڪيو ويو هو. ڊار جي بيان ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شهباز شريف وڏي وزير طور بحرين جي صديقه سيد محفوظ هاشم خادم جي نالي سان بينامي اڪائونٽ کوليو. ان ۾ 18 ملين ڊالر جمع ڪرايا ويا. اهو بيان ڊار ڪنهن به عدالت ۾ واپس نه ورتو آهي. جڏهن ته ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ جي حڪمن  جي ابتڙ حديبيه پيپر ملز ڪيس کي به ثبوت طور پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي ثبوت اڄ عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا.