حڪمرانن جي ناڪام پاليسي ۽ مهانگائي جو آزار

0
156
سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائون گهٽ تعداد ۾ ڇو آهن؟؟؟

ماڻهو مختلف وقتن تي تبديليون آڻيندو رهيو آهي پر ڪي ڪي تبديليون عوام سان راند کيڏڻ لاءِ به هونديون آهن، سياسي بازيگري هميشه بيانبازي تائين ئي محدود رهي آهي پر عوام جي دردن جو ڪڏهن به  درمان بڻجي نه سگهيا آهن.

ايئن به ٿيندو رهيو آهي ته اڪثر ليڊر عوام کي ئي بيوقوف سمجهندا رهيا آهن يا وري اهو سچ آهي ته اسان واقعي بيوقوف آهيون. پاڪستان جي آزادي کان وٺي هينئر تائين عوام ساڳي تڪليفن ۾ جيئڻ جي اداڪاري ڪري رهيو آهي، ڀٽي صاحب جو نعرو “روٽي ڪپڙا اور مڪان ” به عوام کي ڪو فائدو ناهي پهچائي سگهيو ته وري تبديلي سرڪار جي ڪهڙي تبديلي اچي سگهي ٿي؟

                 اسان تبديلي سرڪار جي نعرن پاليسين عملن ۽ ڪارنامن جو جائزو وٺنداسين ته ضرور سمجهنداسين ته تبديلي سرڪار به سکڻا نعرا هڻي نه رڳو عوام جي اميدن ۽ جذبن سان کيڏيو آهي پر عوام کي مرڻ تي پڻ مجبور ڪيو   آهي.

تبديلي سرڪار جا سکڻا نعرا عوام جي لاءِ فائديمند  ثابت نه  ٿي سگهيا آهن. عوام کي هن حڪومت مان جيڪي اميدون هيون انهي اميدن ۽ خوابن تي وزيراعظم صاحب  پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي حڪمرانن جي ناڪام پاليسي سبب عوام تڪليفن جو سفر طئه ڪري رهيو آهي ۽ وري وزيراعظم صاحب چوي ٿو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ م پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽ آهي. هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 12ڏهائي 66سيڪڙو ٿي وئي آهي

پاڪستان شماريات جي سالياني رپورٽن موجب سيپٽمبر 2021ع ۾مهانگائي جي شرع 9.0هئي جڏهن ته گذريل مهيني ۾ 8.4ٿي وئي.  مهانگائي سبب ماڻهن جو جيئڻ کان ارواح ئي کڄي ويو آهي عوام ٻه ويلا ماني کائڻ  لاءِ به پريشان آهي.

هي ڪهڙي تبديلي آهي جو ماڻهن جو جيئڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. کنڊ گيھه اٽو ۽ پيٽرول سميت عام واهپي جي شين جا اگھه چوٽ چڙهيل آهن، غربت جي شرح وڌي رهي آهي هڪ ته اڳ ئي بيرزوگاري سبب نوجوان نسل مايوسي جي ورچڙهيل آهي ته ٻئي طرف وري مهانگائي ماڻهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن.

وڏي عرصي کان اجتماعي آپگهات جا واقعا پڻ رپورٽ ٿي رهيا آهن رپورٽن موجب  مهانگائي سبب ٿر ۾ هڪ همراھه ٽن ٻارن کي کوھه ۾ اڇلائي ڇڏيو جڏهن ته شيخوپوره ۾ هڪ شخص وٽ غربت سبب ٻارن کي ڪپڙا  وٺي ڏيڻ  جي سگهه نه هئي ۽ ان پنهنجي چئن ٻارن کي واھه ۾ اڇلائي ماري ڇڏيو.

هوڏانهن فيبروري جي پهرين هفتي ۾ چڪوال ۾ هڪ عورت گهر ۾ اٽو نه هجڻ سبب پنهنجي ٽن جگر جي ٽڪرن کي واھه ۾ لوڙهي ڇڏيو جڏهن ته  ڪجهه عرصو اڳ ڇاڇرو ۽ چمبڙ ۾ به بيزوگاري ۽ مهانگائي سبب اجتمائي خودڪشي ٿي چڪيون آهن.

حقيقت م سماجي بيحسي ننڌڻڪائپ ثقافتي ۽ سياسي ويڳاڻپ توڙي رشتن جو موت ماڻهن کي آپگهات طرف وٺي ويندو آهي. ان کانسواءِ حڪمرانن جي بي ڌياني، بيروزگاري، بدحالي، ناانصافي توڙي گذرسفر جي تنگي پڻ ھڪڙو وڏو سبب آهي جو ماڻهو جيئڻ کان وڌيڪ مرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.

اهو بدترين حڪمرانن جو نتيجو آهي جو نوجوانن جا مستقبل مزارن تي پيل پاروٿن گلن جيان مرجهايل آهن،

احساس محرومي توڙي مايوسي ڦلهيل آهي جو سمورن مسئلن جو حل آپگهات سمجهيو وڃي ٿو.

امر جليل لکيو آهي ته خودڪشي به اڪيلي ماڻهو جو وڏو احتجاج آهي ۽ هاڻي لڳي ٿوته  حڪمرانن جي بيحسي سبب ماڻهو آپگهات ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا.

اهو هڪ وڏو الميوآهي جو اسان جيئڻ جي تمنا ختم ڪري موت جي جهولي ۾ سڪون سان سمهڻ چاهيون ٿا. موت فطري آهي پر آپگهات فطري ناهي. آپگهات هڪ قتل آهي جيڪو حڪمران طبقو  ڪري رهيو  آهي ۽ انهي قتل جي ڪا به ايف آءِ آر درج نٿي ڪئي وڃي ۽ اهو خون بيگناهه لڙهي ويندو آهي. هاڻي ايئن ڪرڻ گهرجي ته  آپگهات ڪندڙ جي ايف آءِآر درج ڪري حڪومت کي ڌر بڻايو وڃي.

 بيروزگاري بک ۽ بدحالي ۾ ساھه کڻندڙ هن عوام سان اڃان ته الائي  ڪيتريون جٺيون ٿينديون اهو خدا ٿو ڄاڻي باقي جيڪا صورتحال  سامهون اچي پئي انهي مان صاف ظاهر آهي ته عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري  کان تنگ ٿي  زندگي جو انت ضرور آڻيندو.

مونکي ته اردو جي  هن نظم به کن پل لاءِ ڇرڪائي وڌو آهي ته

شديد ڊر ڪي وجه سي، اپني بال نوچ ڪر، سر ديوار په مارتا هون، اور سوچتا هون ڪه ڪهين، مرني ڪي بعد  ايسا نه هوجائي، جب فرشتي هم سي پوڇين، ڪه تمهارا خدا ڪون هي، اور هماري منه سي بي اختيار  لفظ روٽي نڪل پڙي.

حڪمران طبقي کي هاڻ سوچڻ گهرجي ته مهانگائي جو ايڏو وڏو وزن غريب ماڻهو برداشت نه ڪري سگهندو، تنهن ڪري مهانگائي تي ضابطو آڻي غريبن کي سڪون سان جيئڻ ڏنو وڃي.