هڪ سال جو ٻارڙو سوشل ميڊيا اسٽار بڻجي پوڻا 2 لک رپيا ماهوارڪمائڻ لڳو

0
229
هڪ سال جو ٻارڙو سوشل ميڊيا

فلوريڊا( دلچسپ نيوز) هڪ سال جو ٻارڙو سوشل ميڊيا اسٽار بڻجي پوڻا 2 لک رپيا ماهوارڪمائڻ لڳو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ 14 آڪٽوبر 2020 تي جنم وٺندڙ برگس ڊيرنگٽن سفر جو شوقين نڪري پيو جنهن سبب سوشل ميڊيا تي سندس چرچا ٿي رهيا آهن.

والدين ٻارڙي کي هڪ سال جي عمر ۾ ئي ڪيترن ئي پارڪن ۽ سامونڊي ڪنارن جا سير ڪرائي چڪا آهن هو ييلو اسٽون پارڪ جا خطرناڪ جانور، الاسڪا جا ڀورا رڇ پڻ ڏسي چڪو آهي کيس يوٽاهه جي پٿرن ۽ ڪيلفورنيا جي سامونڊي ڪنارن جو سير به ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پارڪن ۽ سامونڊي ڪنارن جي سير جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ سبب وائرل ٿي ويون آهن برگس ڊيرنگٽن کي انسٽاگرام تي اڍائي لک لائيڪس ملي چڪا آهن جڏهن ته  ٽڪ ٽاڪ تي سندس فالوورز جو انگ 30 هزار کان وڌي ويو آهي .

والدا 28 سالا جيس جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي برگس کي ماهوار هڪ لک 72هزار رپيا ملن ٿا ۽ هو دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو سفري شوقين آهي. هن ٻڌايو ته اسين تمام گهڻو سفر ڪندا آهيون انڪري هاڻي اسان جو معصوم پٽ به ان ۾ شامل ٿي ويو آهي،هن چيو ته برگس ڊيرنگٽن هڪ سال دوران آمريڪا جي 16 رياستن جو سفر ڪري چڪو آهي ۽ 45 اڏمن ۾ پڻ چڙهي چڪو آهي.

ھي به پڙھندا

طوفاني برسات:گهوٽ ڪنوار وڏي پتيلي ۾ ويهي مندر پهتا