طوفاني برسات:گهوٽ ڪنوار وڏي پتيلي ۾ ويهي مندر پهتا

0
231
طوفاني برسات

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) طوفاني برسات سبب گهوٽ ڪنوار وڏي پتيلي ۾ ويهي مندر پهتا، ڄاڃي حيران ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ طوفاني برسات زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته روڊن ۽ رستن تي پاڻي بيهڻ سبب هزارين ماڻهو پڻ متاثر ٿيا آهن

هڪ ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب دوران راهول نالي گهوٽ ۽ ايشوريا نالي ڪنوار پڻ برسات سبب متاثرٿيا جنهن بعد جوڙي برساتي پاڻي مان مندر وڃڻ لاءِ وڏي پتيلي جو سهارو ورتو، راهول ۽ ايشوريا کي وڏي پتيلي ۾ سوار ڏسي ڃاڃي حيران ٿي ويا. مندر پهچڻ بعد گهوٽ ۽ ڪنوار شادي جون رسمون ادا ڪيون ۽ وري پتيلي ۾ سوار تي روانا ٿي ويا. شادي جي ان انوکي واقعي جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون جنهن تي صارفين دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

ھي به پڙھندا

بغداد: 2 مهينا اڳ فوت ٿي ويل عورت چونڊن ۾ ڪامياب