حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو ريجن ۾ 8 عملدارن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. حيسڪو ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيسڪو چيف محمد يعقوب جي هدايتن کانپوءِ ڊپٽي مئنيجر سي ايم سيل پاران جاري آفيس آرڊر مطابق ٽي ايم اينڊ سي ايم جي مئنيجر بشير احمد کي بدلي ڪري مئنيجر مٽيريل مئنيجمنيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٺٽو مان ايڪسين امير احمد ميمڻ جي بدلي ڪري کيس ڊپٽي مئنيجر ٽرانسپورٽ مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت سيد مختيار شاهه کي ايڪسين ٺٽو مقرر ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي مئنيجر سي اي او سيد محمد علي کي پي ايم ڊي يو جي اضافي چارج به ڏني وئي آهي. ايس ڊي او جي سي ڊويزن ٽو ساجد حسين ميمڻ کي ايڪسين جي سي جي ايڊيشنل چارج حوالي ڪئي وئي آهي. ٺٽو مان ڪمرشل سپرنٽينڊنٽ ايڪٽنگ آر او جاويد علي کي ايڪٽنگ آر او قاسم آباد مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته آر او ٺٽو جي چارج ڪمرشل اسسٽنٽ عامر ايوب چانڊيو حوالي ڪئي وئي آهي ۽ ڪمرشل اسسٽنٽ جلال الدين راجپوت کي ايڪٽنگ روينيو آفيسر نوابشاهه مقرر ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل مقررين ۽ بدلين بابت حيسڪو ترجمان محمد صادق ڪٻر پاران پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل عملدارن کي سختي سان هدايتون ڪيون ويون آهن ته هو بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي 100 سيڪڙو وصولي کي يقيني بڻائين. گڏوگڏ مبينا طور بجلي چورن جو ساٿ ڏيندڙ کاتي جي ملازمن جي نشاندهي ڪن ته جيئن سندن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪري سگهجي.