حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ 19 ۽ 20 جون تي انبن جي نمائش لڳائي ويندي. انبن جي اها ٻن ڏينهن واري نمائش ايسڪپو سينٽر ۾منعقد ٿيندي، جنهن جو انتظام ضلعي انتظاميا طرفان ڪيو ويندو، انبن جي نمائش جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن هدايت ا لله ڇڄڙو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر تبريز صادق مري شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار رشيد احمد زرداري، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد غلام مرتضيٰ شاهه ۽ انبن جي وڏن آبادگارن علي پلهه، محمود نواز شاهه ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي وڊيو لنڪ ذريعي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿا. ڊويزنل ڪمشنر چيو ته پاڪستان زراعت جي حوالي سان هڪ اهم ملڪ آهي ۽ خاص طور تي سنڌ جا انب پوري دنيا ۾ مشهور آهن، ان ڪري ضلعي انتظاميا طرفان حيدرآباد ۾ 19 ۽ 20 جون 2021ع تي ايڪسپو سينٽر ۾ ٻن ڏينهن واري انبن جي نمائش لڳائي ويندي، جنهن ۾ مختلف جنسن جا انب رکيا ويندا. اجلاس ۾ ڊي سي حيدرآباد جي سربراهي ۾ انبن جي نمائش لاءِ ڪاميٽي به جوڙي وئي، جيڪا آبادگارن ۽ ٻين واسطيدارن سان رابطو ڪري نمائش جا انتظام ڪندي. انبن جي نمائش لاءِ ضلعي سطح تي سب ڪاميٽيون به جوڙيون ويون، جيڪي ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري جي آبادگارن سان رابطو ڪري کين انبن جي نمائش ۾ شرڪت لاءِ آمده ڪنديون. انبن جي نمائش ۾ مختلف قسمن جا ثقافتي اسٽال به لڳاياويندا.