ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) انب سستا ٿي ويا، تازي آيل طوفان توڙي گرمي جي لهر کانپوءِ مارڪيت ۾ انبن جي آمد وڌي وئي آهي، هن وقت سنڌڙي انب درجه اول 200 ۽ درجه دوئم 150 رپيا ۽ سرولي 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا، انبن جي وڪري ۾ واڌ سبب ٻين ميواتن جا اگهه ۽ وڪرو متاثر ٿيو آهي.