حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ سڀا پاران سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل ماڻهڻ جي آزادي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ مان نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو اڃا تائين جاري آهي جڏهن ته تازو آڪاش سرگاڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو  آهي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، هنن چيو ته سنڌ کي هن جبر، ڦرلٽ ۽ ٿيندڙ والار کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد جي ضرورت آهي، جڏهن ته سالن کان ڪيترائي ماڻهو گم آهن اهي ڪٿي ۽ ڪيئن آهن جنهن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي نوجوانن کي کنڀڻ انساني حقن جي کلي لتاڙ آهي جنهن کي هو ڪڏهن به قبول نه ڪندا. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل آڪاش سرگاڻي سميت سمورن گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري سندن وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.