خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز شاهد حسين ڏنور پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مين ڪيمپس، گھوٽڪي ۽ شهدادڪوٽ ڪيمپس جي سمورن تدريسي شعبن ۾ تعليمي سال 2022 لاءِ بي ايس سال پهرين ۽ بي ايس سال ٽين ۾ آن لائن داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 6 ڊسمبر 2021 تائين واڌ ڪئي وئي آهي. دلچسپي رکندڙ اميدوارن کي هدايت ٿي ڪجي ته هو مقرر ڪيل تاريخ ۾ پنهنجو داخلا فارم جمع ڪرائن.