حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هوسڙي واري علائقي ۾ نينگري سان مبينا طور اجتماعي ڏاڍائي، پوليس ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، نينگري پاران يرغمال بڻائي لڄالٽ ڪرڻ جو الزام، رپورٽ موجب حيدرآباد جي هوسڙي واري علائقي ۾ 16 ورهين جي نينگري ڪاجل ڌيءُ ڄيٺو باگڙي کي مبينا طور اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو آهي، مبينا طور لڄالٽ جو شڪار نينگري علي اصغر آباد ڪالوني هوسڙي جي رهواسڻ ٻڌائي پئي وڃي، نينگري ڪاجل جي چوڻ مطابق هو پسند جي شادي لاءِ گهران نڪري پيٽرول پمپ تي پنهنجي پريمي جو انتظار ڪري رهي هئي ته ڪجهه ماڻهن کيس يرغمال بڻائي ٽائرن جي پنڪچر واري دڪان تي کڻي ويا، جتي کيس اجتماعي طور جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اهو دڪان عبدالرزاق خاصخيلي جو ٻڌايو پيو وڃي، ان دڪان تي محمد عظيم هاليپوٽو پنڪچر ٺاهڻ جو ڪم ڪندو آهي، جيڪو ٽنڊو الهيار جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، نينگري ڪاجل جي والد ڄيٺو باگڙي جي فرياد تي پوليس 2 ڄڻن محمد عظيم هاليپوٽو ۽ رزاق خاصخيلي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نينگري کي طبي معائني لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اجتماعي لڄالٽ جي واقعي جي ڪا به ثابتي نه ملي آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي فٽيجز مان معلوم ٿئي ٿو ته نينگري پاڻ پنڪچر ٺاهڻ جي دڪان ۾ وئي هئي، جڏهن سندس وارث ڳولا ڪندي دڪان تي پهتا ته هن ساڻس اجتماعي ڏاڍائي جو قصو بيان ڪيو، پوليس مطابق ابتدائي طور 2 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ طبي معائني جي رپورٽ جي آڌار تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن ڪجهه ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته نينگري سان اجتماعي ڏاڍائي جي واقعي ۾ ٻيا ماڻهو به ملوث هئا، جيڪي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. پوليس ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي آهي.