خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ شاهه حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنجل ڪلهوڙو واسي نينگر اويس احمد پٽ شاهنواز ڪلهوڙو روهڙي ڪينال ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو.ڳوٺاڻن نينگر جو لاش واهه مان ٻاهر ڪڍي ورتو. ان سلسلي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نينگر جي والد شاهنواز ڪلهوڙو انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پٽ اويس ڪلهوڙو کي قتل ڪري سندس پيرَ مڇيءَ جي ڏور سان ٻڌي بعد ۾ سندس لاش روهڙي ڪينال ۾ اڇلايو ويو آهي ڇوته واهه مان جڏهن منهنجي پٽ جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو ته ان جا پيرَ مڇيءَ جي ڏور سان ٻڌل هئا جڏهن ته منهنجي پٽ مٿان تشدد پڻ ڪيو ويو آهي. هن الزام مڙهيو ته اهڙي واقعي ۾ ڳوٺ جا اسامه ۽ اڪرام الله ٻئي پٽ عيسيٰ ڪلهوڙو ملوث آهن جن سان اسان جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. هن چيو ته آئون ٻنهي جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرائيندس. هوڏانهن نينگر جو لاش سندس گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته نينگر جا والدين صدمي ۾ بيحال ٿي ويا.