حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت پوليس سان مبينا مقابلي ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ وارن ٻن ڌار ڌار ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ايڊيشنل سيشن جج نمبر 5 ذيشان اختر خان جي عدالت جوابدار رسول بخش ملاح کي مجموعي طور 10 سال قيد ۽ 80 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي موجب جوابدار يوسف ملاح ۽ سڌير 8-8 سال قيد سان گڏ 80-80 هزار رپيا ڏنڊ جي رقم به ادا ڪندا. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي 3-3 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽڻي پوندي. 15 فيبروري 2021ع تي ايئرپورٽ پوليس پوسٽ معرفت اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو ته ڪوهسار واري علائقي ۾ ٽئي جوابدار شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا ته جيئن ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته جوابدارن پوليس مبينا طور فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ٽئي جوابدار موٽرسائيڪل ڪري پيا. بعد ۾ کين گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. عدالتي فيصلي موجب جوابدار رسول بخش ملاح پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ 7 سال قيد، 50 هزار ڏنڊ ۽ غيرقانوني اسلحي واري ڪيس ۾ 3 سال قيد ۽ 30 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪندو. جوابدار يوسف ۽ سڌير پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ 5-5 سال قيد، 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ غيرقانوني اسلحي واري ڪيس ۾ 3-3 سال قيد ۽ 30-30 هزار رپيا ڏنڊ جي رقم ادا ڪندا.