جھول (ن پ ا) جھول ۾ بدفعلي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عدالت پيش، 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي. خبر موجب نينگر اظهر علي کرل کي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار وسيم لاشاري کي پوليس سول جج سانگهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي سندس حوالي ڪيو وڃي، جڏهن ته عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.