حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ نقلي سگريٽ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس قومي شاهراهه تي ڪارروائي ڪري ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ماليت جا سگريٽ هٿ ڪري ورتا آهن. هٽڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته انهن ايوب هوٽل وٽ انٽيليجينس ادارن پاران مليل ڄاڻ بعد ڪارروائي ڪئي ۽ ڪارروائي دوران انهن ٽرالر نمبر جي يو 4716 تحويل ۾ وٺي هڪ ڄڻي محمد نديم کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب ٽرالر تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو جتي تلاشي دوران کين مختلف برانڊ جي سگريٽن جا 485 ڪارٽن مليا آهن جن ۾ 24 هزار 750 سگريٽن جا پيڪيٽ پيل آهن. پوليس دعويٰ ڪئي ته هٿ آيل نقلي سگريٽن جي ماليت ڏيڍ ڪروڙ رپيا آهي. سگريٽن جي اها کيپ ڪنهن گهرائي هئي ان بابت گرفتار جوابدار کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٽرالر ۾ پيل سمورا سگريٽ نقلي آهن جيڪي غيرقانوني طريقي سان حيدرآباد ۾ اسمگل پئي ڪيا ويا ته پوليس ڪارروائي ڪري ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.