جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سومرا شاخ مان هفتو اڳ گهر ٻاهران کيڏندي گم ٿيل 8 ورهين جي نويد احمد لاشاري جي بازيابي لاءِ پ پ شهيد ڀٽو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي نور محمد منجهو، ظفر جکراڻي، معصوم نينگر جي پيءُ عبدالرزاق لاشاري ۽ ٻين چيو ته هفتو اڳ گهر ٻاهران کيڏندي 8 ورهين جو ٻارڙو گم ٿي ويو آهي، جنهن جي هن وقت تائين ڪا به خبر پئجي ناهي سگهي، جڏهن ته پوليس اطلاع باوجود ٻالڪ جي ڳولا لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون، هنن مطالبو ڪيو ته ٻار کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.