ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ بچل شاهه ڪالوني جي رهواسي عورتن ٻن مهينن کان واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه اچڻ خلاف آمنا خاصخيلي، فاطمه ۽ صاحب خاتون جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو هنيو، عورتن جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان بچل شاهه ڪالوني ۾ واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه ٿو اچي. پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري ماڻهن سان گڏ مال به اڃ مري رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته پاڻي ڏنو وڃي.