اوڏيرو لال (ن پ ا) اوڏيرو لال اسٽيشن لڳ ڳوٺ غازي  ساھووال جي رھواسي اسحاق ڇٽو کي ڳلي ۾ ڳوڙھو ظاهر ٿيو آهي، ڊاڪٽرن ٽيسٽن جي آڌار تي ٻڌايو ته  مائو ۽ گٽڪو کائڻ جي ڪري ڪينسر ٿي ويو آهي. اسحاق چٽو ٽن مھينن کان کائڻ پيئڻ کان لاچار آهي. نوجوان جو چوڻ هو ته ڪا به شئي کائي پي نٿو سگھان، ڊاڪٽرن ڊرپون لکي ڏنيون آهي جيڪي رورل ھيلٿ  سينٽر اوڏيرو لال اسٽيشن مان لڳرائيندو آھيان. ھن وس وارن کي اپيل ڪئي تـ علاج نٿو ڪرائي سگھان مدد ڪئي وڃي.